ليبر کاتي ۽ ورڪرز ويلفيئر ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن، نيب رپورٽ طلب ڪري ورتي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ليبر کاتي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن سامھون آئي آھي، نيَب شڪايتن تي شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

نيب ڪراچي سنڌ ليبر کاتي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن، اختيارن جي غلط استعمال ۽ سرڪاري رقم جي مبينا گڙٻڙ بابت شڪايتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

دستاويزن موجب نيب کي صوبائي وزير شاهد ٺهيم، سيڪريٽري ليبر رفيق قريشي، ڊائريڪٽر انجنيئرنگ مظفر شاهہ سميت ليبر کاتي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ٻين عملدارن خلاف ٻہ شڪايتون مليون آهن.

نيب عملدارن جو چوڻ آهي تہ شڪايتن ۾ الزام لڳايو ويو آهي تہ ليبر ھوم ۽ اسڪولن جي اڏاوت، مرمت ۽ سار سنڀال جي نالي تي پنج ارب پنجاهہ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا جعلي ٺيڪا جاري ڪيا ويا، جن لاءِ نہ سرڪاري اطلاع ناما جاري ڪيا ويا ، جن لاءِ نہ اين آءِ ٽيز جاري ڪيون ويون ۽ نہ ئي ٺيڪا سنڌ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اداري جي ويب سائيٽ تي ظاهر ڪيا ويا.

دستاويزن موجب سرڪاري رڪارڊ ۾ دعويٰ ڪئي وئي تہ 20 مارچ 2025 تي روزاني اخبار اين آءِ ٽي شايع ڪئي وئي، حقيقت ۾ ڄاڻايل تاريخ تي ان اخبار ۾ ڪا بہ اين آءِ ٽي شايع نہ ھئي.

وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي تہ 5 ارب 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت وارو هڪ وڏو ٺيڪو 19 مارچ 2025 تي هڪ مبينا ڊمي اخبار ۾ شايع ڪيو ويو، جيڪو ايس پي پي آر اي قاعدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، ڇاڪاڻ تہ قاعدن تحت ٻہ ملين رپين کان وڌيڪ ماليت وارا ٺيڪا گهٽ ۾ گهٽ ڇهن وڏين اخبارن ۾ شايع ڪرڻ لازمي آهن.

شڪايتن ۾ چيو ويو آھي تہ اربين رپيا من پسند يا مبينا طور تي مخصوص ڪانٽريڪٽرز کي جاري ڪيا ويا، جڏھن تہ زميني سطح تي ڪنھن بہ ڪم جي تصديق نہ ڪئي وئي، جڏھن تہ ڪجھ ڪمپنين کي 500 ملين رپين تائين ادائيگيون بغير ڪنھن قابل تصديق جي ڪيون ويون.

نيَب کي مليل شڪايتن ۾ الزام لڳايو ويو آهي تہ سڄي عمل دوران کليل مقابلي کي نظرانداز ڪيو ويو، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ ايس پي پي آر اي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ اڳواٽ شفافيت مڪمل طور غائب رھي.

نيب معاملو سنڌ اسيمبلي جي اڪائونٽيبلٽي فسيليٽيشن سيل ذريعي شرعاتي جاچ لاءِ موڪلي ڇڏيو آھي، ۽ لاڳاپيل کاتن کان 60  ڏينھن اندر شروعاتي رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي.

احتساب سهولت سيل ذريعي شروعاتي جاچ لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کان سٺ ڏينهن اندر شروعاتي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

نيب عملدارن موجب جيڪڏھن مقرر مدي اندر رپورٽ پيش نہ ڪئي وئي تہ قانون موجب شڪايتن تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں