سيوھڻ واسي حاڪم خان نوحاڻي لکي ٿو
مان 2012 ڪوٽڙي ۾ لياقت علي خان جتوئي صاحب سان جلسو ڪيو، جلسي ڪرڻ کانپو مان ڪراچي ڪنھن شادي جي دعوت تي ھليو ويس، رات جو 10 وڳي ھڪ نمبر تان ڪال آئي، فون ڪندڙ دوست چيو “سائين اوھان ڪٿي آھيو؟، مون چيو مان ڪراچي آھيان، ان دوست چيو مھرباني ڪري سيوھڻ نہ اچجو، ڊي ايس پي جھنگارا عبيدالله جاگيراڻي گاڏي ۾ چرس شراب ڪلاشنڪوف رکيو ويٺو آھي، چوي ٿو حاڪم خان جلسي تي ويو آھي، جيئن ئي واپس ايندو تہ کيس کنڀي گم ڪرڻو آھي.
فون ڪندڙ دوست چيو تہ ڊي ايس پي جي اھا ڳالھ ٻڌي منھجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي، سوچيم تہ حاڪم خان شريف ۽ انصاف پسند ماڻھو آھي، ان سان ايڏي وڏي ناانصافي ٿي رھي آھي.
سندس چوڻ ھو تہ مھرباني ڪري منھجو نالو راز ۾ رکجو، مون ان دوست جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ منھجي مٿان وڏو احسان ڪيو آھي، اوھان جو نالو راز ۾ رھندو مان ڪنھن کي به نہ ٻڌائيندس.
منھجي چوڻ جو مطلب آھي تہ سياسي مخالفت جي ڪري پوليس ونگاري قاتل ٿي وڃي ٿي، مون ان وقت ئي وڃي پوليس خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي، ۽ ضمانت لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي پنھنجي عزت بچائي، سنڌ ۾ اھڙي تہ لا قانونيت آھي جو پوليس وڏيرن جي ونگاري بڻيل آھي، مون جھڙو شريف ماڻھو بہ محفوظ ناھي تہ غريبن جو ڇا حال ھوندوروز ڪونڌر پيا ڪسجن.