لاڙڪاڻي جي علائقي لھر ڪالوني ۾ گهرن اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل هڪ ٻي عورت به ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي.
پوليس موجب لھر ڪالوني ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي سبب زخمي ٿيل عورت ساجدہ جتوئي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، واقعي ۾ هن وقت تائين ٻہ عورتون ساجدہ جتوئي، ياسمين مغيري ۽ 6 ورهين جو ٻار غلام مصطفيٰ مغيري فوت ٿي چڪا آهن.
ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 18 ڄڻن جو علاج ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي تہ گذريل ڏينهن گهرن اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زور دار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب ٽن گھرن جون ڇتيون ڊھي پٽ ٿي ويون، ڌماڪي سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
واقعي کانپوءِ متاثر علائقي ۾ سوڳ جو ماحول آهي، پوليس موجب واقعو گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي…..