لائيو🔴: سنڌ جَي ضلعي ٺٽي ۾ خوفناڪ حادثو، موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

فہرستِ مضامین

پوليس موجب تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي

لائيو ڪوريج 🔴

مظفر خاصخيلي-ٺٽو

سنڌ جَي ضلعي ٺٽي ۾ سجاول روڊ تي خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي، جتي ڊمپر جَي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب حادثو سجاول روڊ تي پيش آيو، جتي تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي ويو، فوتين ۾ 2 نوجوان ۽ هڪ نينگري شهناز شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت  فهميده ۽ سندس معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو، حادثي جو شڪار شهري بلڙي شاهه ڪريم سان تعلق رکن ٿا، وارثن سان رابطو ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ڪنڊيارو واسي نوجوان ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل

نوشهرو فيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ نوجوان ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مبينا طور مارجي ويو آهي، ڪراچي پوليس ان حوالي سان ڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا.

ڊبليو ٽي اين جي نمائندي ابراهيم جوکيو موجب ڪنڊيارو شهر جي شھباز ڪالوني جو رهواسي اريان مستوئي جا وارث ٻڌائي رهيا آهن ته کيس ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.

نوجوان جا وارث ڪراچي روانا ٿي ويا آهن، واقعو ڪٿي پيش آيو آهي، ڪنڊيارو پوليس موجب ڪراچي پوليس کان واقعي جا تفصيل ورتا پيا وڃن.

ٽنڊو ڄام ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ٽنڊوڄام_رپورٽ: واجد چانڊيو

ٽنڊوڄام ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب زندگي وڃائيندڙ نوجوان نظير پنهور جي وارثن احتجاج ڪندي نوجوان کي زهريلو شراب پياريندڙ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

5 مهينا اڳ شراب واپرائڻ سبب نظير پنهور اجل جو شڪار ٿيو هو، وارثن الزام هنيو هو ته کيس دوستن ڪچو (زهريلو) شراب پياريو هو، جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو هو.

وارثن نوجوان جي تدفين به ڪري ڇڏي هئي، پر جڏهن کين شڪ ٿيو ته کيس زهريلو شراب پياري ماريو ويو آهي ته عدالت سان رابطو ڪري قبرڪشائي ڪرائي وئي، جزن جي جاچ بعد پتو پيو هو ته نظير جو موت زهريلو شراب واپرائڻ سبب ٿيو آهي.

فوتي نوجوان جي امڙ رضيه پنهور پنهنجي گهر ڀاتين سميت ٽنڊو ڄام پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

نوجوان جي امڙ چتاءُ ڏنو آهي ته سندس پٽ کي ماريندڙ جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، جيڪي معاملي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، قاتل گرفتار نه ٿيا ته پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس

ٽنڊو ڄام پوليس جو موقف سامهون ناهي آيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهي يا نه

بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

رپورٽ: ظفر حيدر_ بدين ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، اڪرم واھ جي ٽن سب ڊويزنن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن ميرحسن پنھور، غفور چانڊيو، عبدالحڪيم ملاح، محمد الياس ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان جي ٽيلن ۾ پيئڻ جيترو پاڻي به ناهي، دريائن ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ آھي، اسان جا فصل سڙي رهيا آهن

هنن ٻڌايو ته پاڌر شاخ، علي واھ، گنج بحر، مور شاخ ۽ ڪامارو شاخ ۾ پاڻي کوٽ آھي، جنهن سبب فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں