قيمتي طوطي کي بچائيندي مالڪ پاڻ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

فہرستِ مضامین

ڀارتي شهر بنگلور ۾ 32 ورھين جو واپاري پنهنجي قيمتي پالتو طوطي کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو۔

پوليس موجب واقعو بنگلور جي گيري نگر واري علائقي ۾ پيش آيو، طوطي مالڪ جي سڃاڻپ ارون ڪمار جي نالي سان ٿي۔

پوليس چيو آهي تہ ارون ڪمار جو پالتو طوطو، جنهن جي قيمت تقريبن اڍائي لک رپيا ڀارتي ٻڌائي وئي آهي، جمعي جي صبح گهر کان اڏي گھر ويجهو بجلي جي پول تي ويٺو ۔

طوطي کي واپس آڻڻ لاءِ مالڪ ارون ڪمار لوھي پائپ کڻي ڀت تي چڙھيو، ان دوران پائپ غلطي سان ھاءِ وولٽيج بجلي جي تار سان ٽڪرائجي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ھو ڀت تان ھيٺ ڪري پيو.

ارون کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي۔..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں