راولپنڊي : پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو ويو آھي تہ قومي يڪجھتي، سلامتي، استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ ڏني ويندي، اھڙا عنصر سياسي ھجن يا ڪي ٻيا.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت ھيٺ 273 ھين ڪور ڪمانڊرز منعقد ٿي، جنھن ۾ فورم دھشتگردي جي تازن واقعن ۾ شھيد ٿيندڙ لاءِ فاتح خواني ڪئي،فورم تازي دھشتگردي جي واقعن ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب فورم غيرملڪي اثر ھيٺ دھشتگردي کي ھٿي وٺرائڻ خلاف مادر وطن جو دفاع ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير پاڪستان جي ھٿياربندن فوجن جي جرئت، پيشوراڻي مھارت ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.
ڀارتي سرپرستي وارن دھشتگردن ۽ سھولتڪارن کي فيصلائتي ۽ بغير ڪنھن رعايت جي منھن ڏنو ويندو: فورم
آئي ايس پي آر جي موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن عزم ورجايو تہ ڀارتي سرپرستي وارن سمورن دھشتگردن، سھولتڪارن، دھشتگردن جي مددگارن کي فيصلائتي ۽ بغير ڪنھن رعايت جي منھن ڏنو ويندو.
آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف سموري ملڪ ۾ انٽيليجنس بنياد تي دھشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ ھٿياربند فوجن جي ڪوششن کي ساراهيو۔
فورم دهشتگردي، ڏوھن ۽ سياسي مفادن وچ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڳٺ جوڙ کي رد ڪندي چيو تہ قومي يڪجهتي، سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن کي اجازت نہ ڏني ويندي، ڀلي اهي عنصر سياسي هجن يا ڪير بہ ھجن۔
حڪومت ۽ فوج جي ڪوششن سان ملڪ استحڪام ڏانهن وڌي رھيو آهي: فيلڊ مارشل
فيلڊ مارشل چيو تہ حڪومت ۽ پاڪستاني فوج جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ آهستي آهستي استحڪام ڏانهن وڌي رھيو آهي، پاڪستاني عوام جي ثابت قدمي واري حمايت جي سبب ملڪ يقيني طور عزت ۽ وقار ڏانهن وڌي رھيو آھي ۔
آئي ايس پي آر موجب فورم اندروني ۽ ٻاھرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو وٺندي ملڪ کي درپيش خطرن ۽ آپريشنل تيارين تي زور ڏنو۔
فوج ۽ پاڪستاني عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنھن کي ھرگز اجازت نہ ڏينداسين: فورم
فورم چيو تہ ھٿياربند فوجن ۽ پاڪستاني عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي بہ هرگز اجازت نہ ڏينداسين
فورم بلوچستان حڪومت جي ترقياتي قدمن کي ساراھيندي چيو تہ اهي قدم سماجي رابطن ذريعي گورننس سان لاڳاپيل دهشتگردي وارن عنصرن کي ختم ڪن ٿا۔
شرڪت پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٻين علائقن ۾ بہ اھڙن قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت ۽ سندن جائز جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي جو عزم ورجايو.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي پڻ توثيق ڪئي، فورم غزہ ۾ فوري ۽ مستقل جنگبندي، بنا ڪنهن رنڊڪ جي انساني امداد جي پهچ ۽ فلسطيني رياست لاءِ هڪ قابل اعتماد رستي جو مطالبو ڪيو۔
ڪانفرنس جي پڄاڻي تي آرمي چيف ڪمانڊرن کي آپريشنل تياري، نظم و ضبط، تربيت، جنگ جي ميدان ۾ پيشوراڻي مهارت جو بلند ترين معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي۔……