قومي ايئر لائن جي نجڪاري سان حڪومت کي 55 ارب رپيا ملندا: نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جو چوڻ آھي تہ قومي ايئرلائن جي نجڪاري سان حڪومت کي 55 ارب رپيا ملندا

اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي جو چوڻ ھو تہ قومي ايئر لائن ھڪ زماني ۾ سٺي ايئر لائن ھئي، ھن وقت قومي ايئرلائن جا 100 جھاز ھجڻ گھرجن ھا، اڄ قومي ايئر لائن رڳو 18 جھازن تي ھلي رھي آھي، قومي ايئر لائن جي آپريشنل 18 مان 12 جھاز ليز تي آھن، ايئر لائن ساليانو 40 لک مسافرن کي سھولتون فراھم ڪندي آھي، قومي ايئر لائن جا لينڊ روٽس سڀ کان وڏو اثاثو آھن.

ھن چيو تہ قومي ايئر لائن جي ملازمن جو انگ 6 ھزار 700 آھي ۽ ھفتي وار قومي ايئر لائن 240 رائونڊ ٽرپ ڪري رھي آھي، قومي ايئر لائن وٽ ٽوٽل 33 جھاز آھن، 20 جھاز پنھنجا آھن، جڏھن تہ 13 جھاز ليز تي آھن، 24 جھاز 2010 کان پھرين جا آھن.

ماضي جي غلطين سبب ايئرلائن جي حالت خراب ٿي: صلاحڪار

محمد علي چيو تہ ادارن جي نجڪاري جو عمل 20 سال اڳ، 2005ع ۾ شروع ٿيو هو، نجڪاري سان قومي ايئرلائن جو وڃاصل آهستي آهستي بحال ٿيندو، ماضي ۾ ڪيترين ئي غلطيون ٿيون، نجڪاري سان سيڙپڪاري ايندي۔

هن چيو تہ حڪومت کي نجڪاري مان 10 ارب نہ پر 55 ارب رپيا حاصل ٿيندا، 10 ارب رپيا ڪيش ملندا جڏھن تہ 45 ارب رپين جي حڪومتي ايڪوئٽي هوندي، حڪومت 45 ارب رپين جي ماليت جا 25 سيڪڙو شيئرز برقرار رکندي، اميد آهي تہ قومي ايئرلائن جا نوان مالڪ اپريل کان قومي ايئرلائن هلائڻ شروع ڪندا۔

هن ٻڌايو تہ قومي ايئرلائن جي نجڪاري لاءِ 6 مهينا محنت ڪئي، ماضي ۾ ڪيترين ئي غلطين سبب قومي ايئرلائن جي حالت خراب ٿي، رڳو 2 جهاز 2017ع کانپوءِ جا آهن، قومي ايئرلائن وٽ ڊوميسٽڪ مارڪيٽ ۾ 30 سيڪڙو شيئر آهي، ايئرلائن گلوبل نہ پر ريجنل ايئرلائن آهي ۽ ان جون گهڻيون انٽرنيشنل فلائٽون مڊل ايسٽ ڏانهن آهن۔

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو تہ 2015ع ۾ قومي ايئرلائن جي ايڪوئٽي 213 ارب رپيا هئي، جڏھن تہ 2024ع ۾ قومي ايئرلائن جو خسارو 700 ارب رپيا هئا، 2015ع کان هر سال ايئرلائن خساري ۾ وئي، حڪومت کي نجڪاري مان 55 ارب رپيا ملندا پر نقصان نہ ڀرڻو پوندو.

اللھ جو شڪر آھي آخرڪار ايئرلائن پرائيويٽائز ٿي: عطا تارڙ

اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ ھو تہ شڪر آھي آخرڪار قومي ايئرلائن پرائيوٽائز ٿي، ان ۾ وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو اھم ڪردار آھي، فيلڊ مارشل بہ نجڪاري ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

عطا تارڙ چيو تہ قومي ايئرلائن جي نجڪاري شفاف انداز ۾ ٿي، وزيراعظم جي هدايت تي نجڪاري جي عمل کي سڌو سنئون ڏيکاريو ويو، مفتاح اسماعيل جا بہ ٿورا جنھن قومي ايئرلائن جي بڊنگ کي بهترين بڊنگ قرار ڏنو

صلاحڪار چيو تہ مون کي خبر ناهي تہ فوجي فرٽيلائزرز سان ڪا ڳالہ ٻولهه ٿي رھي آهي يا نہ، پر فوجي فرٽيلائزرز هڪ وڏو ۽ مضبوط گروپ آهي ۽ جيڪڏھن اهو ڪنسورشيم ۾ شامل ٿئي ٿو تہ ڪنسورشيم کي فائدو ٿيندو۔

هن چيو تہ منهنجو پنهنجو خيال آهي تہ جيڪڏھن فوجي فرٽيلائزرز ڪنسورشيم ۾ شامل ٿئي تہ ڪنسورشيم فوجي گروپ جي اچڻ کانپوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں