قومي اسيمبلي ۾ 27 ھين آئيني ترميم 2 ڀاڱي اڪثريت سان منظور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ 27 ھين آئيني ترميم جي شق وار منظوري جو عمل مڪمل ٿي ويو آھي ۽ سموريون 59 شقون منظور ڪيون ويون آھن، اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو .

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن دوران قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ سينيٽ مان منظور ٿيل 27 ھين آئيني ترميم جو مسودو وڌيڪ ترميمن سان ايوان ۾ پيش ڪيو، ترميم جي تحريڪ تي پھريان راءِ شماري مڪمل ڪئي وئي.

قانون واري وزير چيو تہ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ئي رھندو، ان کانپوءِ آئيني ترميم تي شق وار ووٽنگ ڪئي وئي ۽ سموريون 59 شقون 2 ڀاڱي اڪثريت سان منظور ڪيون ويون، ترميم جي حمايت ۾ 233  ميمبرن ووٽ ڏنو، جڏھن تہ مخالفت ۾ 4 ووٽ آيا.

قومي اسيمبلي مان اضافي ترميمن جي منظوري تي بل کي ٻيھر سينيٽ ۾ اماڻيو ويندو، 27 ھين آئيني ترميمي بل ۾ بغاوت بابت آرٽيڪل 6  ۾ ترميم جو امڪان آھي، آئين جي آرٽيڪل 6 جي شق 2 اي ۾ ترميم ڪئي ويندي. ….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں