اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران دلچسپ واقعو پيش آھيو، اجلاس دوران ايوان ۾ ڪنھن ميمبر جا پئسا ڪري پيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پئسا ايوان ۾ لھرائي پڇا ڪئي تہ رقم ڪنھن جي آھي؟
اسپيڪر جو چوڻ ھو تہ ايوان ۾اپوزيشن جي اچڻ کان اڳ ڪنھن ميمبر جا ڪريل پئسا مليا آھن، ان موقعي تي پئسا وٺڻ ڪيترن ئي ميمبرن ھٿ مٿي ڪيا.
اسپيڪر اياز صادق چيو تہ ھي تہ 12 ميمبرن ھٿ مٿي ڪيا آھن، ان ڳالھ تي ايوان ۾ٽھڪڙا پئجي ويا، اجلاس ختم ڪندي اسپيڪر ٻڌايو تہ ھي پئسا اقبال آفريدي جا ھئا جيڪي ان کي واپس ڪيا ويا آھن…