قومي اسيمبلي مان پيپلز پارٽي جو مريم نواز جي بيان تي واڪ آئوٽ، ” ڇا مطلب پاڻي اسان جو آھي؟ سنڌو درياھ آھي تہ پاڪستان بہ آھي“: نويد قمر(اعظم نذير تارڙ جي پيپلز پارٽي کان معذرت)

فہرستِ مضامین

فيصل جمن

اسلام آباد

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت جي اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبرن پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي“ اسان جو پاڻي، اسان جو پئسو، اسان جي مرضي، ڪئنال ٺاھيون يا ٻيو ڪو منصوبو آڻيون، اوھان پنھنجو تجويزون پاڻ وٽ رکو“ واري بيان تي واڪ آئوٽ ڪيو آھي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي نويد قمر مريم نواز جي بيان تي ڳالھايو، ھن چيو تہ ڇا مطلب پاڻي اسان جو آھي؟  سنڌو درياھ آھي تہ پاڪستان بہ آھي، انڊس تي سڀني جو حق آھي، مريم نواز جي بيان تي افسوس ٿيو.

پنجاب ۾ پھريون ڀيرو ۽ سنڌ ۾ سدائين ٻوڏ ايندي رھي آھي، اسان به سخت تقريرون ڪري سگهون ٿا پر اپيل آهي ته رحم ڪيو وڃي، ذميواريون اسان سڀني تي آهن.

نويد قمر چيو ته گذريل ڏينهن جيڪي بيان آيا ۽ جنهن سطح تي ڳالهيون ٿيون، اُها مناسب نہ ھيون، وزيراعليٰ پنجاب ۽ حڪومت پنجاب سٺو ڪم ڪيو آهي، پنجاب ۾ پهريون ڀيرو اهڙي ٻوڏ آئي آھي، سنڌ ڪيترائي ڀيرا اھڙين ٻوڏن کي منھن ڏنو، 2011 ۽ 2022 جي ٻوڏ ۾ تباھي آئي ھئي.

جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارا منصوبا ڪامياب ٿيا ته عالمي ادارن مدد ڪئي، اسان اتحادي طور تجويزون ڏئي سگهون ٿا، تقريرن تي افسوس ٿيو، انڊس آهي ته پاڪستان آهي، انڊس ناهي ته ڪنهن وٽ پاڻي نه هوندو.

ھن چيو تہ اسان طعنا ٻڌي رهيا آهيون ته حڪومت کي ڪٿي وٺي هلي رهيا آهيو؟ اسان لاءِ ڏکيو ٿي رهيو آهي ته حڪومت جي بئنچن تي ويهون، اھو اتحاد ناھي، عزت نه هوندي ته ڳالهه اڳتي نه وڌندي.

دل آزاري ٿي آھي تہ معذرت ڪريون ٿا: عطا تارڙ

پ پ قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان معذرت خواهه آهيون، جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي، آمريڪا ۾ به اهڙيون حالتون ڏٺيون ويون آهن.

اعظم نذير تارڙ چيو تہ پاڪستان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، اِھا ڪاميابي پيپلز پارٽي جي اتحاد ۽ قومي اتحاد جي ڪري ملي آھي، پاڪستان اڄ خادمين حريمين شريفين ۾ شامل ٿي ويو آھي

پيپلز پارٽي ميمبر جي واڪ آئوٽ کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس 3 آڪٽوبر جمعي ڏينھن صبح يارھين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آھي.

مريم نواز پيپلز پارٽي خلاف ڪھڙو بيان ڏنو ھو؟

پنجاب جي سي ايم مريم نواز فيصل آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي تقريب کي خطاب دوران سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاھڻ جو اشارو ڏنو ھو، مريم نواز چيو ھو تہ پنجاب پنھنجي صوبي جي عوام جي حق ۾ ڪينال ڪڍڻ چاھي ٿو تہ ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي.

 پيپلزپارٽي جو نالو کڻڻ کانسواءِ مريم نواز چيو تہ منھنجو پاڻي ۽ منھنجو پئسو آھي تہ منھنجي مرضي ھوندي، توھان کي ڪھڙي تڪليف آھي.

ھن چيو تہ منھنجي ذات تي ڳالھ ڪندا تہ تنقيد نہ ڪنديس، پنجاب ۽ پنجابين تي ڳالھائيندا تہ توھان کي نہ ڇڏينديس، ھر شيءِ جو علاج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نہ آھي، خيرات گھرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں