قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان هڪ جعلي آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب گهوٽڪي جو رهواسي عبدالواجد پاڻ کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو گريڊ 17 جو آفيسر ظاهر ڪندو هو.
قومي اسيمبلي جي ترجمان مطابق ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل جعلي آفيسر عبدالواجد کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو جعلي مقرري نامو موجود هو، جنهن تي اسپيڪر جا دستخط به جعلي هئا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته عبدالواجد جعلسازي ذريعي غير قانوني سهولتون ۽ پروٽوڪول به حاصل ڪندو رهيو. عوامي شڪايتن ۽ سوشل ميڊيا تي معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ اسپيڪر ان معاملي تي فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
هن معاملي بابت وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته عبدالواجد نالي شخص جو قومي اسيمبلي سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي سندس مقرري جو ڪو رڪارڊ موجود آهي.
ترجمان موجب اسپيڪر، قومي اسيمبلي يا ڪنهن جعلي سرڪاري عهدي جي نالي تي دستاويز تيار ڪرڻ سنگين جرم آهي. عوام اهڙن جعلسازن کان هوشيار رهن ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان لاڳاپيل ڪنهن به دستاويز جي تصديق لازمي طور ڪن.