قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن ۾ ٿيل ننڍي چونڊ بعد غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آھي.
اين اي 18 ھري پور جي ڪجہ پولنگ اسٽيشنز جا غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجا سامھون آيا آھن، جنھن تحت ن ليگ جو اميدوار بابر نواز کان اڳتي آھي ۽ پي ٽي آءِ جو حمايتي اميدوار ٻئي نمبر تي آھي.
اين اي 96 فيصل آباد جي 40 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جو بلال بدر چوڌري 7 هزار 755 ووٽ کڻي اڳتي آھي، جڏھن تہ آزاد اميدوار ملڪ نواب شير وسير 4 هزار 762 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي۔
اين اي 104 فيصل آباد جي 32 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو دانيال احمد 3 هزار 495 ووٽ کڻي اڳتي آھي، جڏھن تہ آزاد اميدوار رانا عدنان هڪ هزار 545 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي۔
اين اي 129 لاهور جي ڪجھ پولنگ اسٽيشن جي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب ن ليگ اميدوار حافظ نعمان 4296 ووٽن سان اڳتي آھي ، جڏھن تہ پي ٽي آءِ جو حمايتي اميدوار ارسلان احمد 2848 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آھي.
اين اي 143 ساهيوال جي 43 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جو چوڌري طفيل جٽ 13 هزار 100 ووٽ کڻي اڳتي آھي، آزاد اميدوار زرار اڪبر 919 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي۔
اين اي 185 جي 20 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو سردار محمود قادر لغاري 17 هزار 840 ووٽ کڻي اڳتي آھي ۽ پيپلز پارٽي جو سردار دوست محمد کوسو 6 هزار 6897 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آھي.
پي پي 73 سرگوڌا جي 21 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جو ميان سلطان علي رانجھا 8 هزار 659 ووٽ کڻي اڳتي ۽ آزاد اميدوار محمد حارث رانجھا 2 هزار 28 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آھي
پي پي 87 ميانوالی جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ جو علي حيدر نور خان 463 ووٽن سان اڳتي آھي، جڏھن تہ آزاد اميدوار اياز خان ٻئي نمبر تي آهي.
پي پي 115 فيصل آباد جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب ليگي اميدوار ميان طاهر جميل 3 هزار 181 ووٽن سان اڳتي ۽ آزاد اميدوار محمد اصغر 215 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي۔
پي پي 203 ساهيوال جي 21 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن جو حنيف جٽ 6 هزار 98 ووٽ وٺي اڳتي آھي، جڏھن تہ آزاد اميدوار فلڪ شير ڊوگر 811 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي۔
پي پي 269 مظفر ڳڙھ جي 24 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي، غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو ميان علمدار قريشي 10 هزار 511 ووٽ وٺي اڳتي آھي، جڏھن تہ آزاد اميدوار سردار اقبال پتافي 6 هزار 456 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي۔
ياد رھي تہ اڪثر سيٽون پي ٽي آءِ ميمبرن جي نااھلي بعد خالي ٿيون ھيون…