قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آھي
اختر مينگل سينيئر پارليامينٽرين ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراھ آھي.
سردار اختر مينگل بلوچستان جي صورتحال تي حڪومت طرفان مطالبا نہ مڃڻ تي 3 سيپٽمبر 2024 تي استعيفيٰ ڏني ھئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کانپوءِ استعيفيٰ منطور ڪئي ھئي.
اختر مينگل گذريل عام چونڊن ۾ بلوچستان جي ضلعي خضدار جي تڪ اين اي 256 تان ايم اين اي چونڊيو ھو…