راولپنڊي : چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي تہ پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلينجز، انتطاپسند نظرين ۽ قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ ورھاڱي پسند قوتن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ پُرعزم آهي۔
چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو۔
آءِ ايس پي آرپاران جاري ڪيل پڌرائي موجب فيلڊ مارشل کي فارميشن جي آپريشنل تيارين ۽ جنگي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ کنيل اهم قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي۔
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز ۽ جديد سيميوليٽر ٽريننگ سهولت جو مشاهدو ڪيو، جڏھن تہ فيلڊ مارشل فارميشن جي اعليٰ پيشوراڻي معيار ۽ مجموعي تياري جي واکاڻ ڪئي۔
پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي تہ فيلڊ مارشل ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو تہ جديد جنگي ماحول ۾ حالتن کان باخبر رھڻ ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ انتهائي ضروري آهن۔
فيلڊ مارشل آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ۽ سندن بلند حوصلي ۽ قومي سلامتي لاءِ عزم کي ساراهيو، جڏھن تہ فيلڊ مارشل سخت ۽ مقصد تي ٻڌل تربيت جي اهميت تي پڻ زور ڏنو۔
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل چيو تہ پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلينجز، انتھاپسند نظرين ۽ قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ ورھاڱي پسند قوتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ پُرعزم آهي۔
گوجرانوالا پھچڻ تي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالاچيف آف ڊفينس فورسز جي آجيان ڪئي…….