قمبر ۾ مغيري ۽ سولنگي برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪري ڌرين تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 16 لک ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آھي.
قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ معظم عباسي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو.
جرڳي دوران عزيز اللہ مغيري ڌر تي سولنگي ڌر جا 4 خون، زخمين ۽ ناجائزين جا 3 ڪروڙ 83 لک رپيا ڏنڊ لاڳوڪيو ويو.
جرڳي دوران عبدالجبار سولنگي ڌر تي مغيري برادري جا 2 خون ۽ 2 زخمي ثابت ٿيڻ تي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳ ڪيو ويو.
مغيري ڌر تي ٽوٽاڻي برادري جي ھڪ خون ۽ ھڪ زخمي جو 85 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو..