ڪوئيٽا : قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 4 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب 27 ڊسمبر تي بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت پڪي اطلاع ملڻ بعد آپريشن شروع ڪيو ويو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني سان نشانو بڻايو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دھشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر مطابق دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو بہ هٿ آيو آهي، دهشتگرد علائقي ۾ دھشتگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ سرگرم هئا.
سيڪيورٽي فورسز موجب علائقي کي مڪمل طور صاف ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ويزن ’’عزمِ استحڪام‘‘ تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرڏيهي سرپرستي واري دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي مهم جاري آھي….