اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو دوحہ ۾ حماس اڳواڻن تي حملي جو دفاع ڪندي ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو تہ قطر حماس اڳواڻن سان رابطي ۾ آھي، دوحہ حماس کي پناھ ڏيندو آھي، مالي مدد ۽ سھولتون فراھم ڪندو آھي، قطر وٽ حماس تي دٻاءُ وجھڻ جي طاقت ھئي پر ان ائين نہ ڪيو، اسان جيڪو ڪيو، اھو جائز ھو.
اسرائيلي وزير اعظم بنيامن نيتن ياھو چيو تہ گذريل هفتي دوحه ۾ حماس اڳواڻن تي ڪيل حملو ’جائز‘ ھو ڇاڪاڻتہ قطر جا حماس سان لاڳاپا آھن۔
نيتن ياهو ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته “قطر حماس سان رابطي ۾ آھي، اھو حماس کي پناھ ڏئي ٿو، ان کي مالي مدد ۽ سهڪار فراهم ڪري ٿو۔ قطر وٽ اھا طاقت ھئي تہ حماس تي دٻاءُ وجھي پر ان ائين نه ڪيو۔ تنهنڪري جيڪو اسان ڪيو، سو بلڪل جائز ھو.
دوحه ۾ حماس اڳواڻن تي اسرائيلي فوج جو فضائي حملو قطر تي سڌو سنئون پھريون حملو آھي، قطر آمريڪا جو ويجھو اتحادي آھي۔ اسرائيلي فوج جي ھن ڪارروائيءَ تي سڄي دنيا مان سخت ردعمل سامھون آيو آھي۔
عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل اجلاس ۾ ڇا ٿيو؟

سومر ڏھاڙي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي اڳواڻن قطر ۾ هنگامي اجلاس ڪوٺايو ۽ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي گڏيل پڌرائي ۾ ٻين ملڪن تي زور ڏنو ويو ته ھو اسرائيل سان پنھنجا سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن تي نظرثاني ڪن.
قطر جي امير، تميم بن حمد به اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتن ياهو تي تنقيد ڪئي ۽ چيو تہ “اسرائيل عرب دنيا کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ چاهي ٿو۔
قطري امير چيو ته گذريل هفتي دوحه تي اسرائيلي حملي جو مقصد ” غزا صورتحال تي جاري ڳالھيون ختم ڪرڻ ڏانھن قدم ھو.
واضح رھي ته 9 سيپٽمبر تي اسرائيلي فوج قطر جي گاديءَ واري شهر دوحه ۾ حماس اڳواڻن تي حملو ڪيو ھو۔
ٽرمپ قطر کي حملي بابت اطلاع ڇو نہ ڏنو؟
ھن حملي کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ھو ته اسرائيل طرفان کيس تقريبن ان وقت ئي اطلاع ڏنو ويو، جڏھن اھو حملو ٿيڻ وارو ھو، ۽ اھڙي سبب ڪري اھي قطري اختيارين کي اڳواٽ آگاهه نه ڪري سگھيا۔ بهرحال ٽرمپ يقين ڏياريو ته کيس پورو اعتماد آھي تہ اھڙو حملو ٻيهر نه ٿيندو۔
ٽرمپ جي بار بار قطر کي خاطر ڪرائڻ باوجود اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو گذريل ٻن بيانن ۾ واضح ڪري چڪو آھي تہ اسرائيل حماس اڳواڻن خلاف ڪارروايون جاري رکندو، ڀلي اُھي ڪھڙي ملڪ ۾ بہ ھُجن، نيتن ياھو جي اھڙين ڌمڪين کانپوءِ عرب ملڪن ۾ بيچيني پکڙيل آھي.
اسرائيل کي لغام ڏيڻي پوندي: پاڪستان
قطر تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پاڪستان جو وزير اعظم شھباز شريف وفد سوڌو دوحہ پھتو ھو جتي ھن قطر جي امير سميت ٻين اھم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ھيون.

وزير اعظم شھباز شريف عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل اجلاس ۾ بہ شريڪ ٿيو ھو، جتي شھباز شريف دوحہ تي اسرائيلي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ سلامتي تي حملو ڪيو ھو.
شھباز شريف چيو ھو تہ اسرائيلي ڪارروايون ناقابل برداشت آھن، نيتن ياھو کي روڪڻ لاءِ اسلامي ملڪن کي اتحاد قائم ڪرڻو پوندو ۽ ھڪ ئي موقف پيش ڪرڻو پوندو، پاڪستان اسرائيلي جارحيت کي ڪنھن بہ ريت قبول نہ ڪندو.