قطر تي اسرائيلي حملي خلاف اسلامي ملڪن جو گڏيل رد عمل ڪھڙو ھوندو؟

فہرستِ مضامین

قطر تي اسرائيلي حملي خلاف اسلامي ملڪن جو گڏيل رد عمل ڪھڙو ھوندو؟، دوحہ ۾ ھنگامي عرب اسلامي ڪانفرنس  اڄ ٿي رھي آھي.

ڪانفرنس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جا سربراھ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

 پاڪستان طرفان اسرائيلي قدمن جي نگراني لاءِ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آھي.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو عرب اسلامي ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ اسرائيلي اڳرائي روڪڻ لاءِ عربن سميت سموري اسلامي دنيا کي متحد ٿيڻو پوندو.

ھن چيو تہ جيڪڏھن مسلمان ملڪن گڏجي مقابلو نہ ڪيو تہ اسرائيلي اڳتي وڌندو رھندو.

قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان اسرائيلي حملي طرفان سخت رد عمل ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.

ھن چيو تہ اسرائيل ھٿ سان جنگ جو دائرو ٻين ملڪن تائين وڌائي رھيو آھي.

ٻئي پاسي اڄ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ٺھراءُ جو مسودو بہ سامھون اچي ويو.

ٺھراءُ جي مسودي ۾ چيو ويو آھي تہ اسرائيلي اڳرائي امن کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں