وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ لڳاتار قرضن سبب ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، انسانيت کي صحيح رخ تي آڻڻ لاءِ برابري ۽ سهڪار جي ضرورت آهي.
رياض ۾ منعقد ٿيل “فيوچر انيشيٽو انويسٽمينٽ ڪانفرنس” ۾ ڳالھائيندي هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، پنهنجي غلطين مان سکندي اڳتي وڌي رهيا آهيون، سعودي ولي عهد جي ترقي جي ويزن جي آجيان ڪيون ٿا، ساڳئي ريت پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سڌارا جاري آهن، ايف بي آر کي مڪمل طور ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي جنھن سان ڪرپشن ۾ خاطر خواہ گھٽتائي آئي آھي.
ھن چيو تہ ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آھي، پاڪستان موسمياتي تبديلي مان متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آھي، ٻوڏ سبب پاڪستان کي اربين ڊالرز جو نقصان ٿيو، بحالي جي عمل لاءِ وڌيڪ فنڊز جي ضرورت آھي.
ھن چيو تہ مسلسل قرضن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي ويندي آھي، انسانيت کي صحيح دڳ تي آڻڻ لاءِ برابري جو سھڪار گھربل آھي، ھڪ ٻئي سان سھڪار ڪري اڳتي وڌي سگھجي ٿو، ھٿرادو ذهانت (اي آءِ) مان فائدو وٺڻ لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون، زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ به ( اي آءِ ) مان فائدو وٺي رهيا آهيون.
وزيراعظم “فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو” جي موقعي تي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو بورگا برينڊي سان بہ ملاقات ڪئي.
هي ملاقات عالمي اقتصادي فورم جي قيادت جي درخواست تي ٿي، جنهن جو مقصد وزيراعظم کي ايندڙ سال جنوري ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس ۾ باضابطه شرڪت جي دعوت ڏيڻ هو
وزيراعظم پاڪستان ۽ عالمي اقتصادي فورم وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي ۽ فورم جي عالمي سطح تي ڪاروباري ۽ جدت پسند نيٽورڪ سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ ملڪ جي دلچسپي جو اظهار ڪيو
2026ع جي عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي دعوت جي جواب ۾ وزيراعظم چيو تہ ايندڙ سال ڊيووس ۾ پاڪستان پوري تياري سان ۽ ڀرپور نمائندگي ڪندي شرڪت ڪندو.