اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري ڊگري تڪرار ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي بينچ تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ڪيس ٻي بينچ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.
جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري بابت تڪرار جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بينچ ڪئي، جنهن دوران جسٽس طارق جهانگيري ۽ اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا تہ معزز جج صاحب آيل آهي، مون کي رڳو جهانگيري صاحب کي ٻڌڻو آهي.
جسٽس طارق جهانگيري چيو تہ مون کي خميس تي نوٽيس مليو آهي، نوٽيس سان گڏ پٽيشن جي ڪاپي ناهي، 34 سال پراڻو ڪيس آهي، مون کي پٽيشن جي ڪاپي ملڻ لاءِ وقت ڏيو.
جسٽس طارق جهانگيري چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي بينچ ۾ ويهڻ جي اعتراض واري ڇڏيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو تہ توھان بہ جج آهيو مان بہ جج آهيان، مان توھان جي خلاف پٽيشن فائل ڪئي آھي؟
جسٽس طارق جهانگيري چيو تہ اهو مفادن سان ٽڪراءُ آهي، توھان ان ڪيس ۾ منهنجي خلاف نٿا ويهي سگهو، منهنجو اعتراض آهي تہ توھان هي ڪيس نہ ٻڌو، توھان مون کي عدالتي ڪم کان بہ روڪي ڇڏيو، جيڪو عدالتي تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن ناهي ٿيو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا تہ توھان کي انصاف ايئن ئي ملندو جيئن ٻئي ڪنهن کي ملندو آهي.
جسٽس طارق جهانگيري چيو قرآن پاڪ تي هٿ رکي الله کي حاضر ناظر ڄاڻي حلفي طور چوان ٿو تہ منهنجي ڊگري اصلي آهي، يونيورسٽي اهو نہ چيو تہ ڊگري جعلي آهي ۽ انهن جاري نہ ڪئي ھئي.
چيف جسٽس سان مڪالمو ڪندي جسٽس طارق جهانگيري چيو تہ مون کي توھان جي بينچ تي اعتماد ناهي، جيڪڏھن ڪيس ٻڌڻو آهي تہ ڪنهن ٻي بينچ کي موڪلي ڇڏيو، مون کي ڪجهه وقت به ڏنو وڃي.
عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار کي رڪاڊ سميت طلب ڪندي جسٽس طارق جهانگيري کي پٽيشن ۽ سمورا لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي….