لائیو قتل جو الزام، اڳوڻي ايم پي اي شھريار شر ۽ سندس پٽ جي عبوري ضمانت منظور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ قتل جي الزام ھيٺ آيل سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شھريار خان شر ۽ سندس پٽ جھانگير خان شر جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.

عدالت عظميٰ ۾ جسٽس جمال مندوخيل جي سربراھي ۽ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .

جوابدارن تي ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر تي حملي ۾ ظفر نالي شخص کي قتل ڪرڻ جو الزام آھي.

عدالت ٻنھي ڄڻن کي 5-5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم بہ ڏنو، عدالت عبوري ضمانت منظور ڪندي ڌرين کي 27 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں