خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ قبائلي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا، ھاڻي پاڪستاني آھن ۽ رھندا.
ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي باڙہ ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي چيو تہ سندس وڏي وزير طور نامزدگي تي اعتراض واريا ويا، کين خيرات نہ پر پنھنجو حق گھرجي.
سندس چوڻ ھو تہ صوبي ۾ بدامني وارو مسئلو حل ڪرڻ چاھيان ٿو تہ ھر ضلعي ۾ امن جرڳو ڪوٺايو ويندو.
ھن چيو تہ قبائلي پنھنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا ھئا، ھاڻي پاڪستاني آھن ۽ رھندا.
سندس چوڻ ھو تہ ھو سڀ گڏجي ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر بڻائڻ چاھين ٿا.
وڏي وزير سھيل آفريدي جو چوڻ ھو تہ سندس وڏي وزير طور نامزدگي تي اعتراض واريا ويا، کين خيرات نہ پر پنھنجو حق گھرجي.