سجاول : سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آھي تہ انساني حقن جو تحفظ ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي سزا ڏيڻ عدليہ جي ذميواري آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سجاول ۾ فيملي ڪورٽ جو افتتاح ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وقتي چيف جسٽس چيو تہ صحيح اسڪروٽني ۽ مضبوط فيصلا ئي انصاف جو ذريعو آهن.
وقتي چيف جسٽس چيو تہ انساني حقن جو تحفظ ۽ قانون ٽوڙيندڙن کي سزا ڏيڻ عدليہ جي ذميواري آھي، ان ۾ جج صاحبان جو ڪردار انتھائي اھم آھي.
ھن چيو تہ وڪيل معاشري جا سڀ کان وڌيڪ ذهين ۽ باشعور فرد آهن، سماجي برائين جي خاتمي لاءِ صحافين، سياستدانن، مقامي انتظاميا ۽ ٻين ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
ھن چيو تہ منشيات ۽ گٽڪي سبب وات جي ڪينسر جا ڪيس سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ وڏي انگ ۾ سامھون اچي رھيا آھن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي، وڪيل برادري گڏجي سماجي براين خلاف مھم ھلائڻ گھرجي.
وقتي چيف جسٽس چيو تہ سيشن ڪورٽ سجاول لاءِ سولر سسٽم جو ڪم جاري آهي ۽ لائبريري جي قيام لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن .
تقريب ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آصف مجيد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاھدہ پروين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو مشتري خانم، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سھيل احمد مشوري، ڊي سي سجاول، ايس ايس پي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر، جنرل سيڪريٽري سميت وڪيلن ۽ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وقتي چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ بار جو دورو ڪيو ۽ عدالت جي احاطي ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو. ….