فيلڊ مارشل عاصم منير گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ فڪر مند، اھم ٿنڀ قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل سيد مارشل سيد عاصم  منير چيو آھي تہ گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي ٿنڀ آھي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير سان يو اي ايِ جي نائب حڪمران ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار شيخ طحنون بن زايد النھيان ابوظھبي ۾ ملاقات ڪئي

ملاقات ۾ گڏيل سھڪار، معيشت، سيڙپڪاري ۽ سلامتي جي معاملن تي ڳالھيون ٿيون ۽ ٻنھي اڳواڻن خطي جي صورتحال، امن، سلامتي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مسلسل رابطن تي زور ڏنو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو تہ ھي سھڪار ٻنھي برادر ملڪن وچ ۾ گھاٽن تاريخي لاڳاپن کي ظاھر ڪري ٿو.

فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي جي ھٿي ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار کي ساراھيندي چيو تہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ مضبوط ڀائيواري آھي.

آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ ھو تہ گڏيل عرب امارات جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي ٿنڀ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں