فيلڊ مارشل عاصم منير جي چيف آف ڊفينس فوورسز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

فہرستِ مضامین

فيلڊمارشل سيد عاصم منير پاڪستان جو پھريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿي ويو، جنھن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.

صدر آصف علي زرداري جي  صحيح بعد بچاءَ واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنھن تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آرمي چيف سان گڏ چيف آف ڊفينس فورسز بہ ھوندو.

 گذريل ڏينھن وزيراعظم شھباز شريف جي سفارش تي صدر آصف علي زرداري سيد عاصم منير کي پھريون چيف آف ڊفينس مقرر ڪيو ھو.

 چيف آف ايئر اسٽاف ظھير احمد بابر سڌو جي ملازمت واري مدي ۾ پڻ 2 سال واڌ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

ھوڏانھن وزيراعظم شھباز شريف طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ جون مبارڪون ڏنيون آھن.

 جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو تہ چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري سان ملڪي دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو، فليڊ مارشل ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ڏياري پاڪستان جو نالو روشن ڪرايو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں