برطانوي مئگزين دي ايڪانامسٽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ اڳڀرائي کي آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو قرار ڏيندي چيو آھي تھ ڊونلڊ ٽرمپ سان فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات خطي ۾ سفارتي تبديلي جي شروعات ھئي.
دي ايڪانامسٽ جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي سفارتي حڪمت عملي ۾ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي بنيادي نوعيت جو قرار ڏنو ويو آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ آمريڪي اختياريون دھشتگرديءَ خلاف ويڙھ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪري رھيون آھن، جڏھن تھ ڀارت جي تخريبي ڪارروائين جو بھ جائزو ورتو پيو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ آمريڪا پاڪستان کي جديد بڪتربند گاڏيون ۽ رات جي اونداھي ۾ ڪارروائيون ڪرڻ لاءِِ نائيٽ ويزن سامان سڙو ڏيڻ لاءِ بھ غور ڪري رھيو آھي.
ملڪ اندر به گرفت مضبوط ڪري رھيو آھي
دي ايڪانامسٽ جي مضمون موجب پاڪستان جو آرمي چيف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان قربتون وڌائي رھيو آھي، فيلڊ مارشل ملڪ جي اندر بھ پنھنجي گرفت مضبوط ڪري رھيو آھي.

عالمي سفارتڪار ۽ سيڙپڪار آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سڌو رابطي ۾ آھن، فيلڊ مارشل عاصم منير چين ۽ نار وارن ملڪن سان توازن ڀريا لاڳاپا برقرار رکيا آھن.
3 آگسٽ تي برطانوي رسالي ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ فيلڊ مارشل جي پاڪ آمريڪا لاڳاپا بھتر بڻائڻ وارين ڪوششن جي واکاڻ ڪئي وئي آھي.
دي ايڪانامسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ڀارت سان تڪرار کانپوءِ فيلڊ مارشل جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو، پرڏيھي دٻاءَ باوجود فيلڊ مارشل ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي ڪئي.
دي ايڪانامسٽ موجب فيلڊ مارشل عام منصير آمريڪي لاڳاپن کي ھڪ نئون رخ ڏئي رھيو آھي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي مئل معيشت قرار ڏئي ان تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو آھي.
صدر ٽرمپ ان جي ابتڙ پاڪستان سان تجارتي معاھدي جو اعلان ڪندي رڳو 19 سيڪڙو ٽيرف لڳايو.
آمريڪا پاڪستان سان تجارت، ھٿيارن ۽ دھشتگردي جي خاتمي لاءِ سھڪار جي بحاليءَ تي ڪم ڪري رھيو آھي، اھو قدم ڏکڻ ايشيا، چين ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو آھي.
رپورٽ موجب ھڪ آمريڪي عھديدار داعش خلاف پاڪستان جي ڪارروائي جو اعتراف ڪيو آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان جي نئين سفارتي حڪمت عملي عالمي سطح تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار کي ھڪ نئين سڃاڻپ ڏئي رھي آھي.
انتھاپسندن خلاف سگھارو آواز
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيل ھاڻوڪي ملاقات کان گھڻو اڳ ئي آمريڪي فوجي قيادت سندس واکاڻ ڪندي رھي آھي.
آڪٽوبر 2024 ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ھڪ مئگزين “يوني پاٿ” بھ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي واکاڻ ڪندي کيس انتھاپسندي خلاف سگھارو آواز قرار ڏنو ھو.
يوني پاٿ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ھو تھ پاڪستاني سپھھ سالار کي ھڪ اھڙي ليڊر طور ياد ڪيو ويندو، جنھن جو اولين عزم پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي آھي.
مئگزين ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ چيو ويو ھو تھ آرمي چيف جنرل عاصم منير نومبر 2022 ۾ قيادت سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي رھيو آھي.
رسالي موجب جنرل عاصم منير جي قيادت ھيٺ شدت پسندن خلاف وڏا فوجي آپريشن ٿيا، جن ۾ 22 ھزار 409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن بھ شامل آھن، انھن آپريشنز دوران 398 دھشتگردن جو خاتمو آندو ويو.
رسالي موجب جنرل سيد عاصم منير ففٿ جنريشن وار فيئر کي درپيش چئلينجز کي تسليم ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي خودمختياري لاءِ فوج جي تيارين تي زور ڀري ٿو.
مئگزين پاران جنرل عاصم منير جي خصوصي سيڙپڪاري سھولت ڪائونسل ۽ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جھڙن قدمن سان سھڪار جي واکاڻ بھ ڪئي وئي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي مئگزين پاران پاڪستاني آرمي چيف جي واکاڻ کي دفاعي حلقن پاران ان وقت بھ غير معمولي ۽ انتھائي اھم قرار ڏنو ويو ھو.