فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ليبيائي ھٿياربند فوجن جي سربراھ سان ملاقات

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ليبيا جي ھٿياربند فوجن جي سربراهہ سان اهم ملاقات ڪئي آهي۔

آءِ ايس پي آر  موجب چيف آف ڊفينس اسٽاف سرڪاري دوري تي لبيا آھي موجود آهن، جتي هن ليبيائي عرب ھٿياربند فوجن جي ڪمانڊر  اِن چيف فيلڊ مارشل خليفہ بلقاسم حفتر سان ملاقات ڪئي آهي۔

هن اهم ملاقات ۾ ليبيائي عرب ھٿياربند فوجن جي ڊپٽي ڪمانڊر  اِن چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفہ حفتر پڻ موجود هئا۔

آءِ ايس پي آر موجب ليبيا پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ليبيائي ھٿياربند فوجن جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو،  ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عسڪري عملدارن وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۔

ملاقات دوران علائقائي سيڪيورٽي صورتحال، خطي کي پيش چئلينجز ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ بابت ڳالهہ ٻولهہ ڪئي وئي، ڌرين تربيت، صلاحيت وڌائڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو۔

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل مفادن جي بنياد تي پاڪستان ۽ ليبيا وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار جي واڌاري کي انتهائي اهم قرار ڏنو۔

فيلڊ مارشل خليفا حفتر پاڪستان جي فوجن جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں