فيلڊ مارشل سريلنڪا جي دفاع واري وزير سان ڳالھائي کيس راضي ڪيو : محسن نقوي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو آھي تہ اسلام آباد ڌماڪي جي مک جوابدار تائين پھچي ويا آھيون، حملي آورن جو تعلق افغانستان سان آھي.

سينيٽ اجلاس ۾ ڳالھائيندي ھن چيو تہ وانا ۽ اسلام آباد ٻنھي واقعن ۾ افغان شھري ملوث آھن، ٻنھي واقعن ۾ ماڻھو افغانستان مان آيا ۽ واقعن ۾ شامل ٿيا، ان معاملي کي حڪومتي سطح تي ڏسي رھيا آھيون.

محسن نقوی چيو تہ اسان لاءِ ڏکيو ٿي رھيو آھي، جيئن افغانستان جا ماڻهو هتي اچي حملا ڪري رھيا آھن، اسان جو وڏو ٽارگيٽ غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ آھي.

ھن چيو تہ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات ڪري سندن خدشا ختم ڪيا ويا، ٽيم کي باڪس سيڪيورٽي ڏيڻ جو چيو، سريلنڪن بورڊ ۽ رانديگرن وڏي بھادري سان ھتي رھڻ ۽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.

ھن چيو تہ سريلنڪن ٽيم کي ھتي رھڻ تي ڳڻتي ھئي، سريلنڪن صدر گذريل ڏينھن پاڻ ٽيم سان ڳالھايو ۽ کيڏڻ تي راضي ڪيو، فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي دفاع واري وزير ۽ سيڪريٽري سان ڳالھائي کين راضي ڪيو…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں