اسلام آباد : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊونيشيا جي صدر پروابوو سبيانتو ملاقات ڪئي آھي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سيڪيورٽي تي ڳالھيون ٿيون
ان موقعي تي پاڪستان ۽ انڊونيشيا دفاعي سھڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
انڊونيشيا جي صدر پاڪ فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو.
ملاقات ۾ تربيت، دهشتگردي خلاف سھڪار ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ تي بہ اتفاق ڪيو ويو۔
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس اسٽاف فیلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ پاڪستان انڊونيشيا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهہ سان ڏسي ٿو، تربيت، دهشتگردي خلاف سھڪار ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ دفاعي سھڪار کي وسيع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔
ان کان اڳ انڊونيشيا جي صدر وزيراعظم هائوس پھتو جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، انڊونيشيا جي صدر کي وزيراعظم هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو۔…..