راولپنڊي : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيندڙ پاڪستان انڊر 19 ٽيم ملاقات ڪئي، جنھن ۾ فيلڊ مارشل ٽيم جي ڪاميابي کي پوري قوم لاءِ فخر جو سبب قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سان جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل ايشيا ڪپ انڊر 19 ۾ جو ٽائٽل کٽندڙ رانديگرن، ٽيم مئنجيمنٽ ۽ آفيشلز کي مبارڪباد ڏني ۽ ٽيم کي نظم، ضبط، گڏيل سھڪار ۽ راند کي ساراھيو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل چيو تہ رانديگر پنهنجو پيشوراڻو معيار برقرار رکن ۽ ميدان اندر ۽ ٻاهر ملڪ جا سفير بڻجي رھن۔
فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو تہ پاڪستان جا نوجوان ئي قوم جي مستقبل جو بنياد آهن،نوجوانن جي توانائي، صلاحيت ۽ ڪردار ملڪ جي ترقي ۽ عالمي سطح تي ان جي وقار قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا۔
آءِ ايس پي آر موجب قومي انڊر 19ڪرڪيٽ ٽيم فيلڊ مارشل پاران حوصلا افزائي ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ هي اعزاز وڌيڪ محنت ۽ بهتر ڪارڪردگي لاءِ وڏي حوصلا افزائي آهي۔….