فيلڊ مارشل جي بيباڪ قيادت ۾ پاڪ فوج افغانستان کي ڀرپور جواب ڏنو، ڪيتريون ئي پوسٽس تباھ ڪري کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو: وزير اعظم

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان پاران افغانستان کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تہ پاڪ فوج جي پيشواراڻي مھارت تي فخر آھي.

وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي بيان ۾ چيو آھي تہ فيلڊ مارشل جي بيباڪ قيادت ۾ پاڪ فوج افغانستان کي ڀرپور جواب ڏنو، پاڪ فوج افغانستان جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽ تباھ ڪري کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.

پاڪستان جي دفاع تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي ويندي، ھر چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.

اسان جو دفاع مضبوط ھٿن ۾ آھي، ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پاڪ فوج سدائين ھرقسم جي  ٻاھرين جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں