فيض گنگ ڀرسان ڪوٽ لالو پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل ٽن نوجوانن جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي کين پيش ٿيڻ بھاني گھرائي قتل ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي
پوليس دعويٰ ڪئي آهي تہ مُنگيا موري وٽ گاڏين مان ڦرلٽ جي اطلاع تي پوليس پهتي، جنهن دوران ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو
پوليس موجب پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 30 لک رپيا انعام يافتہ ڏوھاري عاقب عرف عاقو شر، سندس ساٿي غلام مجتبيٰ شر ۽ مولا بخش شر مارجي ويا۔
پوليس موجب مارجي ويل ٽنهي جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا، جڏھن تہ مقابلي بعد پوليس مارجي ويل مبينا ڏوھارين جا لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي وئي۔
ٻنھي نوجوانن جي وارثن الزام پوليس جي دعويٰ کي رد ڪندي مقابلي کي جڙتو قرار ڏنو آھي، وارثن دانھيندي چيو تہ سندن جو مقامي ايم پي اي سان زميني تڪرار بہ ھلندڙ آھي.
ھنن الزام ھنيو تہ نوجوان ڏوھاري ناھن، پوليس کين پيش ٿيڻ جي بھاني گھرائڻ بعد ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ظلم ڪيو آھي.
ٽنھي نوجوانن جي وارثن پاران انصاف لاءِ مھراڻ ھاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، جنھن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي آھي
وارثن مطالبو ڪيو تہ جيستائين پوليس خلاف ڪارروائي نہ ٿيندي تيستائين ڌرڻو جاري رھندو……