فيض حميد جو ڪورٽ مارشل آئيني ۽ عدالتي معاملو آھي، افواھ پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي تہ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل آئيني ۽ عدالتي معاملو آھي، افواھ نہ پکيڙيا وڃن، جڏھن معاملو حتمي نتيجي تي پھچندو تہ اعلان ڪيو ويندو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر صحافين کي بريفنگ ڏيندي افغانستان تي حملي بابت سوال تي ٻڌايو تہ اسان جڏھن بہ حملو ڪندا آهيون تہ کليل اعلان ڪندا آهيون، آڪٽوبر ۾ اسان افغانستان تي حملو ڪيو ۽ سڀني کي ٻڌايو۔

هن چيو تہ دهشتگردي خلاف ڪميٽيون قائم آهن، فوج جا نمائندا بہ انهن ڪميٽين جو حصو آهن، معيشت خلاف جيڪو ڳٺ جوڙ تيار ٿي رھيو آهي، بلوچستان حڪومت ان خلاف ڪم ڪري رھي آھي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ بلوچستان جي حڪومت دهشتگردي خلاف نيشنل ايڪشن پلان تحت پوري طرح عملدرآمد ڪري رھي آهي۔

هن جو چوڻ هو تہ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ قانوني ۽ عدالتي معاملو آهي، ڪورٽ مارشل جي معاملي تي افواھ نہ پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن ئي عملدرآمد مڪمل ٿيندو ۽ ڪو فيصلو ايندو تہ آگاھ ڪنداسين.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ سرحد تي فوج ۽ ايف سي بارڊر مينيجمينٽ ڪري رھيون آھن، دوحہ ۽ استنبول ڳالهين ۾ اسان سڀني سمجهايو، اهي ماڻهو ڪڏھن چون ٿا تہ 6 هزار ٽي ٽي پي جا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ڪري ڇڏينداسين.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ اهي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي غلط سبق سيکاري رھيا آهن، اهي گريٽر پشتونستان جي ڳالهہ ڪن ٿا، افغان حڪومت جا اعلى عهديدار پاڻ بيان ڏئي رھيا آهن تہ هو حملو ڪندا، آمريڪي هٿيار ميانوالي ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ بہ مليا آهن، هي ميزائل ۽ هٿيار سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻيل آهن۔

هن چيو تہ اهي دهشتگرد آمريڪي هٿيار ۽ آمريڪي بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪن ٿا، هي ھٿيار انهن ماڻهن جو روزگار بڻجي چڪو آهي، اهي ماڻهو منشيات وڪڻي ھٿيار خريد ڪن ٿا، اسان ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي ۾ ڪو بہ فرق نٿا سمجهون۔

هن چيو تہ هي ھٿيار افغان طالبان جي هٿ ۾ آهي، هي ھٿيار اسان آمريڪن ۽ ٻين منصوبن وارن کي بہ ڏيکاريا آھن، جيڪي 7.2 ارب ڊالر جا ھٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويا هئا، جيڪي دهشتگردي جا واقعا ٿي رھيا آهن، انهن ۾ 29 ڀيرا آمريڪي ھٿيار نڪتا آھن ۔

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ دهشتگردي خلاف جنگ فوج ۽ پاڪستان جي عوام کي گڏجي کٽڻي آهي، دهشتگردي خلاف جيڪا بہ جنگ آهي، پاڪستان اها کٽي ڏيکاريندو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں