فيس بوڪ جو جعلي اڪائونٽس خلاف ڪريڪ ڊائون،ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پروفائيلز ڊليٽ ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

فيس بوڪ جي پيرنٽ ڪمپني ميٽا (Meta) پاران جعلي اڪائونٽس، نقلي ۽ پرايو مواد استعمال ڪندڙ يوزرز خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آھي، ميٽا پاران ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جعلي پروفائيلز ۽ 5 لک کان وڌيڪ اسپيم اڪائونٽس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ڪمپني جو چوڻ آھي تھ ھلندڙ سال 2025 جي پھرين ڇھھ ماھي دوران اھا ڪارروائي ڪئي وئي آھي.ڪمپني موجب جعلي پروفائيلز خلاف ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪريڪ ڊائون جو سلسلو ايندڙ ڏينھن ۾ بھ جاري رھندو. ميٽا ڪمپني موجب ڊليٽ ڪيل جعلي پروفائيلز ۽ اسپيم اڪائونٽس ناليوارن يوزرز يا مواد تخليق ڪندڙن جو روپ اختيار ڪندي سرگرم ٿيل ھئا.ميٽا موجب ھيءَ ڪارروائي اصلي يوزرز جي مواد کي ھٿي ڏيڻ ۽ جعلي يا نقل ڪيل مواد کان تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.ڪريڪ ڊائون دوران جعلي ۽ نقل ڪيل پوسٽن جي نشاندھي ڪري اصل تخليقڪارن جي ڪانٽينٽ کي ٻيھر بحال ڪيو ويو آھي.نقل ڪيل مواد بار بار پوسٽ ڪندڙ يوزرز جي مونيٽائيزيشن بھ معطل ڪئي وئي آھي. ميٽا جو چوڻ آھي تھ نقلي مواد جي نشاندھي لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽولز سان گڏ ٻين ٽيڪنالاجيز جي مدد بھ ورتي پئي وڃي ۽ اھا ڪارروائي آئندھ بھ جاري رھندي.ميٽا پاران وضاحت ڪندي چيو ويو آھي تھ بنا اجازت يا بامقصد ايڊٽس کانسواءِ مواد کي ٻيھر پوسٽ ڪرڻ يا ري سائيڪل ڪرڻ تي مختلف ڪارروائيون ڪيون وينديون، جن ۾ ريچ گھٽائڻ ۽ مونيٽائيزيشن ٽولز تائين پھچ ختم ڪرڻ جا قدم بھ شامل آھن. ڪمپني جو چوڻ آھي تھ وڊيوز، فوٽوز ۽ ٽيڪسٽ سميت ٻئي غير اصلي مواد جي بار بار شيئرنگ سان نھ رڳو ھن پليٽ فارم جي ساک کي ڌڪ لڳي رھيو ھو پر اوريجنل مواد تخليق ڪندڙ  نون ڪريئيٽرز جي حوصلھ شڪني بھ ٿي رھي ھئي. ڪمپني موجب ميٽا اوريجنل مواد جي اصلي ڪريئيٽرز جي مدد لاءِ نوان ٽولز استعمال ڪري رھي آھي، جن سان ٻيھر پوسٽ ڪيل مواد جي اصلي سورس جو پتو لڳائي سگھجي ٿو. ان سان اصلي مواد کي ھٿي ڏيڻ ۽ ان جو ڪريڊٽ حقيقي تخليقڪارن تائين پھچائڻ ۾ بھ وڏي مدد ملندي.ميٽا پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ اوريجنل مواد پوسٽ ڪندڙ پيجز ۽ پروفائيلز  کي سموري فيس بوڪ تي ڊسٽريبيوشن جا وڌيڪ موقعا حاصل ھوندا، جڏھن تھ ڪلپس کي رڳو پاڻ ۾ ڳنڍي يا انھن تي ڪو واٽر مارڪ لڳائڻ کي ھاڻي بامقصد ايڊيٽنگ تصور نھ ڪيو ويندو. ميٽا خبردار ڪندي چيو آھي تھ ٻين پليٽ فارمس جي واٽر مارڪنگ واري مواد تي ٻڌل پوسٽون رکڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگھن ٿا، اھڙين پوسٽن تي مواد جي ڊسٽريبيوشن گھٽائڻ توڙي مونوٽائيزيشن جون سھولتون ختم ڪرڻ جھڙا ڏنڊ لڳي سگھن ٿا. ميٽا پاران ھڪ ٻي اھم اڳڀرائي اھا ڪئي وئي آھي تھ پروفيشنل ڊيش بورڊ تي پوسٽ ليول انسائيٽس جو فيچر بھ متعارف ڪرايو آھي، جنھن سان ڪريئيٽرز پنھنجين انفرادي پوسٽن جي ڪارڪردگي بھ جاچي سگھندا. ڪريئيٽرز ھاڻي پنھنجي سپورٽ ھوم اسڪرين بھ چيڪ ڪري سگھندا، جنھن سان کين اھا خبر پئجي سگھندي تھ سندن مواد يا آمدني تي امڪاني طور ڪي پابنديون لڳي سگھن ٿيون يا نھ.

ساڳيءَ ريت گوگل جي يو ٽيوب بھ پنھنجي مونيٽائيزيشن بابت اپڊيٽ ڪيل گائيڊ لائينز جاري ڪيون آھن، جن موجب بار بار پوسٽ يا استعمال ڪيل مواد ايڊ روينيو يعني اشتھارن واري آمدني جو اھل نھ ھوندو.يو ٽيوب جي ان اپڊيٽ پاليسي سان شروعاتي طور آن لائين اھو مونجھارو پيدا ٿيو تھ شايد اي آءِ جنريٽڊ مواد تي پابندي لڳائي پئي وڃي پر يو ٽيوب پاران بعد ۾ اھا وضاحت ڪئي وئي تھ اھڙي ڪا بھ ڳالھھ نھ آھي. يو ٽيوب پاران جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو ويو تھ: “اسان اسٽوري ٻڌائڻ واري عمل کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اي آءِ ٽولز استعمال ڪندڙ ڪريئيٽرز ۽ چينلز جي آجيان ڪيون ٿا ۽ اھي مونيٽائيزيشن جا اھل ھوندا.” ٽيڪنالاجي جي دنيا جي ٻنھي قدآور ادارن جو چوڻ آھي تھ نئين تبديلين جو مقصد مواد جو معيار بھتر ڪرڻ ۽ چٽاڀيٽي واري ڊجيٽل ايڪو سسٽم ۾ ڪريئيٽرز جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائڻ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں