راولپنڊي:بلوچستان جي علائقي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 12 دهشتگرد مارجي ويا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب فورسز 6 ڊسمبر تي ڳجهي اطلاع تي قلات ۾ آپريشن ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت ۾ سرگرم 12 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارودي مواد برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي ار موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، ڪنهن بہ امڪاني دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.