فواد خان جي گلوڪاري جي دنيا ۾ واپسي

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشھور اداڪار ۽ گلوڪار فواد خان هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ آهن، ھن ڀيري ھو ڪنھن فلم يا ڊرامي جي ذريعي خبرن ۾ ناھي پر سندس رليز ٿيل نئون گانو مداحن ۾ مقبول ٿي رھيو آھي.

فواد خان هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ ٻيهر گلوڪاري جي دنيا ۾ قدم رکيو آهي، جنهن سان مداحن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، فواد خان، جنھن ڳائڻ جي شروعات راڪ بينڊ اي پي (اينٽيٽي پيراڊائم) سان ڪئي هئي، هاڻي ويليو ساونڊ اسٽيشن جي پليٽفارم تان نئون گيت پروانو کڻي سامهون آيا آهن.

هي گيت محبت، دوکي ۽ پڇتاوي جي جذبن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ فواد خان اهڙي عاشق جو ڪردار ادا ڪري ٿو جيڪو برسات دوران پنهنجي ماضي جي غلطيءَ تي افسوس ڪندو نظر اچي ٿو.

گاني جي وڊيو دل کي ڇُهڻ واري آهي، ۽  برسات جي پسمنظر ۾ شوٽ ڪيل منظر ان کي وڌيڪ جذباتي بڻائين ٿا. گاني جي پيشڪش مشهور هدايتڪار بلال لاشاري ڪئي آهي، فواد خان پنهنجي خاص انداز ۽ بي مثال اداڪاري سان هن گاني ۾ نئون روح ڦوڪيو آھي.

مداحن  پاران فواد خان جي ڀرپور واکاڻ

مداحن هن گيت کي تمام گهڻي ساراهيو آهي، خاص طور تي پراڻا پرستار فواد کي ٻيهر مائڪ هٿ ۾ ڏسي ڏاڍا پرجوش آهن. هڪ مداح لکيو، “پهريون ڀيرو ويليو جو لنڪ صرف ان لاءِ کوليو، ڇاڪاڻ⁠ته فواد خان اسڪرين تي واپس آيو آهي.” هڪ ٻئي چيو، “اي پي جو ليجنڊ واپس اچي ويو آهي!” جڏهن ته ڪنهن لکيو، “فواد خان کي چمڪڻ لاءِ بالي ووڊ جي لڙهندڙ ٻيڙي جي ضرورت ناهي، سندس ٽيلنٽ ئي ڪافي آهي.”

مداحن نه رڳو فواد جي پرفارمنس کي ساراهيو، پر ويليو ساونڊ اسٽيشن جي به واکاڻ ڪئي، ڇاڪاڻ⁠ته هنن هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ليجنڊري گلوڪار کي ٻڌڻ جو موقعو ڏنو. فواد خان جي واپسي سندس فني سفر جو هڪ نئون ۽ خوش آئنده باب ثابت ٿي رهي آهي، مداح وري هڪ ڀيرو ٻيهر سندس آواز ۾ نئين موسيقي ٻڌڻ لاءِ بي چين آهن.

اي پي جو ليجنڊ واپس اچي ويو

هڪ صارف لکيو، “پهريون ڀيرو ويليو ساونڊ اسٽيشن تي ڪلڪ ڪيو، صرف ان لاءِ جو فواد خان کي ڏسڻ جي شديد خواهش هئي.”

ٻئي چيو، “اي پي جو ليجنڊ واپس اچي ويو!”

هڪ مداح ته ايستائين چيو، “فواد خان کي چمڪڻ لاءِ ڪنهن بالي ووڊ جي ضرورت ناهي، سندس ٽيلنٽ ۽ ڪرشمو ئي ڪافي آهي.”

فواد خان بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي ڪيترين ئي مشهور فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. سندس سپر هٽ فلمن ۾ پاڪستاني فلم ”مولاجٽ“، ”پري ھٽ لو“، ”جواني پھر نھين آني 2“ شامل آهن، جڏهن ته هن بالي ووڊ فلمن ” اَي دل ھي مشڪل، ڪپور اينڊ سنز ۽ خوبصورت ۾ بھ اداڪاري ذريعي پاڻ مڃرايو آھي.

فواد خان جي آخري بالي ووڊ فلم عبير گلال ھئي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ  فلم جي رليز روڪي وئي ھئي، فلم ۾ اداڪارھ واني ڪپور فواد خان سان گڏ مک ڪردار ادا ڪري رھي ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں