سيڪيورٽي فورسز فتنہ الخوارج جي ايبٽ آباد، صوابي ۽ نوشھرہ ۾ ڊرون حملن جون ڪوششون ناڪام بڻائي ڇڏيون آھن.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ پنھنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو آھي تہ افغان طالبان جي حمايت يافتہ فتنہ الخوارج پاران ايبٽ آباد، صوابي ۽ نوشھرہ ۾ ننڍن ڊرونز ذريعي حملن جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن کي ناڪام بڻايو ويو.
عطا تارڙ چيو تہ پاڪستان جي اينٽي ڊرون سسٽمز سمورن ڊرونز کي بروقت نشانو بڻائي ڪيرايو ۽ ٽنھي واقعن ۾ ڪو بہ جاني نقصان نہ ٿيو.
ٻئي پاسي صوابي جي پابيني ڳوٺ ۾گرلز ھاءِ سيڪنڊري اسڪول ٻاھرا ڌماڪو ٿيو، جنھن ۾ ھڪ شاگرد زخمي ٿيو.
انھي حوالي سان صوابي پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تہ ڌماڪو مبينا طور تي ڊرون ذريعي بارودي ڪيرائي ڪيو ويو جنھن واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آھي…….