فلسطنين جي حمايت ۾ مختلف ملڪن ۾ مظاھرا، برطانيہ ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻھو گرفتار

فہرستِ مضامین

فلسطيني شھرين تي اسرائيلي حملن ۽ غزہ ۾ نسل ڪشي خلاف سموري دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آھي.

لنڊن، پئرس، بارسلونا، ميڪسيڪو ۽ ٻين شھرن ۾ وڏا احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، لنڊن پوليس 500 مظاھرين کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لنڊن ۾ فلسطينين جي قتل عام جي خاتمي جو مطالبو ڪندي هڪ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي پوليس 450 مظاهرين کي حراست ۾ ورتو.

فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، اسپين جي شهر بارسلونا ۾ به هزارين ماڻهن مارچ ڪيو، جتي شرڪت ڪندڙن اسرائيل خلاف ۽ فلسطين جي آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا.

اٽلي جي راڄڌاني روم ۾، غزه لاءِ چوٿين ڏينهن بہ احتجاج جاري رهيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي.

ميڊيا رپورٽن موجب ميڪسيڪو ۾ شاگردن اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون خاموش احتجاج پڻ ڪيو، جڏهن تہ  ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ پڻ غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ان کانسواءِ، يمن، بنگلاديش ۽ يونان ۾ غزه جي حمايت ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں