لائیو فضا علي ٽئين شادي بعد سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اداڪارا فضا علی هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي، پر هن ڀيري سندس ڪم نه پر ذاتي زندگي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. ٽئين شادي جي اعلان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سندس سرگرمين تي سخت ردعمل ڏٺو پيو وڃي.

فضا علي عيدالفطر جي موقعي تي انسٽاگرام ذريعي پنهنجي ٽئين شادي جو اعلان ڪيو هو. هن پنهنجي نئين مڙس ۽ ڌيءُ سان گڏ فيملي فوٽو شوٽ شيئر ڪيو، جيڪو تيزي سان وائرل ٿي ويو.

ان کان پوءِ هوءَ لڳاتار پنهنجي مڙس سان گڏ تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي رهي آهي. تازو هڪ وڊيو، جيڪا سندس هڪ ويجهي دوست پارڪ ۾ ٺاهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ فضا علي پنهنجي مڙس سان رومانوي انداز ۾ نظر آئي.

هن وڊيو کان پوءِ سوشل ميڊيا تي عوامي جو ردعمل ڏسڻ ۾آيو، ڪيترن ماڻهن فضا علي تي “پبلسٽي اسٽنٽ” جو الزام لڳايو

ڪجهه ماڻھن تبصرو ڪندي چيو ته هوءَ ضرورت کان وڌيڪ ذاتي زندگي ظاهر ڪري رهي آهي، ڪجهه ماڻھن  سندس روين کي نامناسب قرار ڏنو.

جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ياد ڏياريو ته ماضي ۾ فضا علي پاڻ ٻين تي اهڙي عمل تي تنقيد ڪندي رهي آهي،

سوشل ميڊيا جي دور ۾ فنڪارن جي ذاتي زندگي به عوامي بحث جو حصو بڻجي وئي آهي. فضا علي جو معاملو به ان ئي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي شهرت سان گڏ تنقيد به وڌي وڃي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں