فرانس ۽ اٽلي پنهنجا سامونڊي جهاز محفوظ نموني گذارڻ لاءِ ايراني حڪومت سان رابطو ڪري ورتو آهي تہ جيئن آبنائي ھُرمز مان گذرڻ جي ضمانت حاصل ڪري سگهجي۔
فنانشنل ٽائيمز اخبار موجب فرانس سميت ڪيترائي يورپي ملڪ ايران سان ڳالهين ۾ مصروف آهن تہ جيئن انهن جي جهازن جي محفوظ گذر کي يقيني بڻائي سگهجي۔
رپورٽن موجب يورپي ملڪ جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ کانسواءِ توانائي جي فراهمي کي بحال رکڻ چاهين ٿا۔
في الحال اها ڪا پڪ ناهي تہ ايران سان جاري ڳالهيون اڳتي وڌنديون يا ايران جهازن جي گذر بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيندو۔
ٻئي پاسي برطانوي اختيارن جو چوڻ آھي تہ برطانيا پنهنجي بحري جهازن جي گذر لاءِ ايران سان سڌي طرح ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري۔
ان دوران ايران ترڪيہ جي هڪ بحري جهاز کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي
ترڪيہ جي ٽرانسپورٽ وزير موجب هن وقت علائقي ۾ ترڪيہ جا 15 بحري جهاز موجود آهن، جن مان هڪ جهاز کي ايران گذرڻ جي اجازت ڏني ۽ اهو جهاز ڪاميابي سان آبنائي هرمز پار ڪري ويو۔…