فاطمہ ڀٽو جون يادگيريون، دي مين” جي انٽري، ڪاوڙ ۽  توھين آميز رويو

فہرستِ مضامین

شھيد ذوالفقار ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنھنجي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکيو آھي، جيڪو جلد شايع ٿيڻ وارو آھي، انگريزي اخبار دي گارجين ھن ڪتاب جائزو ورتو آھي.

هن ڪتاب دي آور آف دي وولف ۾ فاطمه ڀٽو پنهنجي زندگيءَ جي هڪ  تي پکڙيل اهڙي رشتي جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ بدسلوڪي، ذهني تشدد ۽ جذباتي استحصال شامل هو، ۽ جنهن کي هوءَ گهڻي عرصي تائين محبت سمجهندي رهي. هوءَ ان شخص کي رڳو “دي مين” جي نالي سان ياد ڪري ٿي، جنهن کي هوءَ هڪ آزاد روح، خوداعتماد ۽ دلڪش شخصيت طور بيان ڪري ٿي، پر آهستي آهستي اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته اهو شخص کيس دوکي سان ڪڏهن ڪڏهن ملندڙ مهرباني ۽ عارضي خوشين کي ئي سچي محبت طور قبول ڪرائيندو رهيو.

پھرين ملاقات ڪڏھن ٿي؟

ٻنهي جي ملاقات 2011ع ۾ نيويارڪ ۾ ٿي، جڏهن فاطمه ڀٽو پنهنجي مشهور خانداني يادگيرين واري ڪتاب سانگز آف بلڊ اينڊ سورڊ جي حوالي سان دوري تي هئي، ان ڪتاب پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، ڇو ته ان ۾ ڀٽو خاندان جي تاريخ جو نئون جائزو پيش ڪيو ويو هو ۽ فاطمه پنهنجي پڦي بينظير ڀٽو کي پنهنجي والد جي قتل جو جزوي ذميوار قرار ڏنو هو.

فاطمه ڀٽو ۽ “دي مين” وچ ۾ هڪ ڊگهي فاصلي وارو رشتو رھيو، جيڪو لڳ ڀڳ 11 سال جاري رھيو،  هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملندا هئا، فاطمه جي مصروف پيشيوراني زندگي ـ، صحافتي اسائنمنٽون، ادبي ميلا، ناول ۽ مضمون لکڻ ــ، هن رشتي لاءِ مناسب  ھو، پر ان شخص لاءِ فاطمہ جون ڪاميابيون ڪا اھميت نه رکنديون هيون، هو آهستي آهستي ڪنٽرول ڪندڙ، ڪاوڙ سان ڀرپور ۽ توھين آميز رويو اختيار ڪرڻ لڳو، ڪڏهن انتهائي دلڪش ته ڪڏهن اوچتو سفاڪ ٿي ويندو ھو، هن فاطمه کي دوستن کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ ذهني طور کيس اڪيلو ڪري وڌو.

هي يادگيريون مختصر هوندي به انتهائي طاقتور آهن، جيڪي سادي ۽ پرسڪون ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، پر انهن ۾ بيان ڪيل اذيت پڙھندڙ کي لوڏي ڇڏي ٿي، هي ڪتاب ان حقيقت جي ياد ڏياريندڙ آهي تہ مضبوط، ڪامياب، ذهين ۽ بااثر هجڻ به ڪنهن عورت کي ذهني تشدد ۽ جابراڻي رشتي کان محفوظ نٿو رکي.

فاطمہ ڀٽو ان بابت ڇا چوي ٿي؟

فاطمه ڀٽو چوي ٿي  مان واقعي اهو سڀ لکڻ نٿي چاهيو،  “مون کي شرم ۽ جهجڪ محسوس ٿي، پر مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن مون اهڙي ڪا تحرير اڳ پڙهي هجي ها ته شايد مون کي مدد ملي ها.

هي پهريون موقعو آهي جو فاطمه ڀٽو هن ڪتاب بابت کلي ڳالھايو آھي،  اهو رشتو 2021ع ۾ ختم ٿيو، جڏهن سالن کان خاندان وسائڻ جي خواهش باوجود فاطمه کي اها سمجهه اچي وئي ته اهو شخص کيس ڪڏهن به اها زندگي نه ڏيندو، جنهن جي هوءَ خواهشمند هئي، ان وقت سندس عمر 39 سال هئي، هن کيس ڇڏي ڏنو، 2022ع ۾ گراهم سان ملاقات ٿي، شادي ڪئي ۽ ٽن سالن اندر ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي وئي.

فاطمه ڀٽو اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جنهن جي ڪهاڻي پاڪستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهي ، ھن ڪٽنب اقتدار، جلاوطني، قتل ۽ خوف ڏٺو،  هوءَ ٻڌائي ٿي تہ ننڍپڻ ۾ لڳاتار خطري جو احساس، راز رکڻ ۽ بار بار هنڌ بدلائڻ هن کي اهڙو رشتو قبول ڪرڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، ھو چوي ٿي تہ مون کي لڳندو هو ته مان سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهان ٿي،” مون پاڻ کي يقين ڏياريو هو تہ اها ئي محبت آهي.

اڄ فاطمه ڀٽو سياست کان پري آهي، پر دنيا جي مظلوم ماڻهن، خاص طور تي غزہ جي عوام، لاءِ آواز اٿاري رھي آھي، سندس تازيون لکڻيون ۽ سرگرميون فلسطيني عوام تي ٿيندڙ ظلمن جي چوڌاري گهمن ٿيون.

دي آور آف دي وولف فاطمه ڀٽو جي هڪ انتهائي ذاتي، دل ڏکوئيندڙ پر طاقتور شاهدي آهي ، هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي، جيڪا ٽٽي ته ضرور، پر وکري نه ۽ آخرڪار سڪون ۽ سچ تائين پهتي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں