غيرت جي نالي تي قتل شرعي لحاظ کان ناجائز آھي: مولانا فضل الرحمان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ غيرت جي نالي تي ڪنھن کي بھ قتل ڪرڻ شرعي لحاظ کان ناجائز آھي ۽ ان حوالي سان مون کي ڪو بھ اختلاف يا شڪ نھ آھي.

اسلام آباد ۾ ملي يڪجھتي ڪائونسل جي قومي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ قانون ٺاھڻ وقت عوامي نمائندا پنھنجي سماج کي ڏسندا آھن، ان جي مزاج کي پرکيندا ۽ انھن جي قدرن جو احترام ڪندا آھن.

مولانا فضل الرحمان چيو تھ اسان جي سماج ۾ اھي ڳالھيون قبول ڪرڻ جوڳيون نھ ٿيون ٿي سگھن، سوسائٽي جا پنھنجا ويليوز آھن، چاھي جھالت تي ٻڌل ھجن چاھي ڪجھھ بھ ھجن، پر اسان کي سڀ ڪجھھ نظر ۾ رکندي ھڪ توازن واري قانونسازي ڏانھن وڃڻو پوندو.

زنا لاءِ سھولتون ۽ جائز نڪاح لاءِ رنڊڪون، ھي ڪھڙو ملڪ آھي؟

اھو بھ غلط آھي تھ توھان زنا لاءِ سھولتون پيدا ڪيو ۽ جائز نڪاح لاءِ مشڪلات پيدا ڪيو، ھي ڪھڙو اسلامي جمھوري پاڪستان آھي؟

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو تھ ھتي اھو بحث ٿي رھيو ھو تھ 18 سالن کان گھٽ عمر جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جيڪڏھن نڪاح ڪن ٿا تھ انھن ٻنھي سميت نڪاح پڙھائيندڙ، والدين ۽ گواھ سڀ سزا جا مستحق ھوندا. اسان کي ڄاڻڻو آھي تھ اھا ڪنھن جي ايجنڊا آھي، جيڪو جائز نڪاح ۾ رنڊڪون وجھي رھيو آھي، ان سان ڇڙواڳي جا دڳ کلندا.

جي يو آءِ (ف) جي سربراھ چيو تھ جنرل مشرف جي زماني ۾ عورتن جي حقن جي نالي تي ھڪ بل آيو، جنھن کي پيپلزپارٽي ٻھ ڀاڱي ٽي ووٽن جي اڪثريت فراھم ڪئي، ان بل ۾ زنا باالرضا کي پروسيجر ۽ آئيني ترميمن جي حوالي سان سھولتون مھيا ڪيون ويون، ھي ڪھڙو ملڪ آھي؟ ھتي تھ جائز نڪاح لاءِ ڏکيائيون پيش پيدا ڪيون پيون وڃن.

ديني مقصدن لاءِ ھٿيار کڻڻ کي عالم غير شرعي قرار ڏئي چڪا آھن: فضل الرحمان

مولانا فضل الرحمان چيو تھ پاڪستان جي سمورن مڪتب فڪر جي عالمن ھٿياربند ويڙھ کي رد ڪيو آھي، پاڪستان جي اندر ديني مقصدن لاءِ عالمن ھٿيار کڻڻ کي غير شرعي قرار ڏنو آھي.
جي يو آءِ (ف) جي سربراھ وڌيڪ چيو تھ سوات کان وزيرستان تائين آپريشن ٿيا، ماڻھو پنھنجي ئي ملڪ ۾ مھاجر ٿيا، 10-10 سالن تائين پنھنجن گھرن ڏانھن واپس نھ وڃي سگھيا، ادارن دعويٰ ڪئي تھ اسان دھشتگرديءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو آھي.

اڄ دھشتگرديءَ جو خاتمو گھڻو پري جو لفظ آھي، ھتي تھ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ ۾ حڪومتي رٽ نالي ڪا بھ شيءِ نھ آھي، سج لھڻ شرط ھٿياربند ماڻھو رستن تي نڪري اچن ٿا.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراھ سوال ڪيو تھ ھي دھشتگرد افغانستان ڪيئن ويا ۽ واپس ڪيئن آيا؟ اگر رياست پنھنجي ناڪامين جو بار بھ عوام تي وجھندي تھ ان کان وڏي ڪا بھ ناڪامي نھ آھي. بدامني ادارن جي نااھلي جي ڪري آھي.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو تھ 26 ھين آئيني ترميم جڏھن حڪومت پاران پيش ڪئي وئي تھ اھا اصلي مسودي جي لحاظ کان ڪنھن بھ صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳي نھ ھئي، حڪومت پنھنجي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ اٻھرائي جو مظاھرو ڪيو ۽ اسان کي چيو ويو تھ ٻھ کان ٽن ڪلاڪن اندر حمايت جو اعلان ڪيو ۽ ووٽ بھ ڏيو.

پر اسان مسودو حاصل ڪرڻ کانپوءِ ھڪ مھيني کان بھ وڌيڪ عرصي تائين حڪومت سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ۽ حڪومت کي ترميمي مسودي مان 35 نقطن تان ھٿ کڻڻ لاءِ قائل ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں