غزہ بورڊ آف پيس کي گڏيل قومن جو متبادل بڻائڻ جو ڪو بہ ارادو ناهي: آمريڪي صدر ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ غزہ بورڊ آف پيس کي گڏيل قومن جي اداري جو متبادل بڻائڻ جو ڪو بہ ارادو ناهي، گڏيل قومن کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ نيٽو لاءِ جيترو ڪم مون ڪيو آهي، ايترو ڪنهن بہ شخص يا صدر ناهي ڪيو، جيڪڏھن مان ساٿ نہ ڏيان ها تہ اڄ نيٽو موجود ئي نہ هجي ها ۽ تاريخ ۾ راک جو ڍير بڻجي وڃي ها، اهو افسوسناڪ آهي پر سچ آهي۔

ٽرمپ چيو تہ گرين لينڊ بابت اهڙو ڪجهہ ڪنداسين جو نيٽو بہ خوش ٿيندو ۽ اسان بہ۔

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي تہ غزا بورڊ آف پيس کي گڏيل قومن جو متبادل بڻائڻ جو ڪو ارادو ناهي، گڏيل قومن کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي۔

ان سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پيرس ۾ ٿيندڙ جي 7 اجلاس ۾ شرڪت نہ ڪرڻ جو بہ اعلان ڪيو۔

ٽرمپ چيو تہ هو اڳوڻي وينزويلا جي صدر مادورو سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پريس ڪانفرنس ۾ پاڪ-ڀارت جنگ جو بہ ذڪر ڪيو ۽ چيو تہ پاڪ-ڀارت جنگ ۾ لکين ماڻهو مري سگهن پيا، مون پاڪ-ڀارت جنگ روڪرائي، جيڪڏھن جنگ نہ رڪجي ها تہ 10 کان 20 ملين ماڻهو مارجي وڃن ها، وزيراعظم شهباز شريف چيو تہ اوھان ڪروڙين جانيون بچايون۔

ان کانسواءِ ٽرمپ چيو تہ سپريم ڪورٽ ٽيرف بابت ڪهڙو فيصلو ڏيندي؟، اهو معلوم ناهي، جيڪڏھن ڪيس هارائي وياسين تہ سوين ارب ڊالرن جا ٽيرف واپس ڪرڻا پئجي سگهن ٿا، ٽيرف قانوني طور لاڳو ڪيا ويا آهن، اوڳاڙيل ڊيوٽيون واپس ڪرڻ ڏکيو هوندو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيندا۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں