غزھ تي قبضو ڪرڻ نھ پر حماس کان آزاد ڪرائڻ پيا وڃون: اسرائيلي وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياھو چيو آھي تھ اسان غزھ تي قبضو ڪرڻ نھ پر غزھ کي حماس کان آزاد ڪرائڻ پيا وڃون.

اسرائيلي وزيراعظم جو اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو آھي، جڏھن تازو اڃا گذريل ڏينھن اسرائيلي ڪابينا غزھ تي نيتن ياھو جي قبضو ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏني آھي.

آسٽريليا، جرمني، اٽلي، نيوزيلينڊ ۽ برطانيا اسرائيل جي غزھ تي قبضو ڪرڻ واري تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي آھي، انھن ملڪن جو چوڻ آھي تھ غزھ تي اسرائيل جي مڪمل والار سان بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو.

پنجن ئي ملڪن جي پرڏيھي وزيرن پاران گڏيل طور جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ھو تھ غزھ ۾ اسرائيل جي وڌيڪ ڪنھن بھ وڏي فوجي آپريشن واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا، فلسطين جي ٻھ رياستي حل تي عملدرآمد جي عزم لاءِ متحد آھيون.

پاڪستان پاران به اسرائيلي منصوبي جي مذمت

پاڪستان بھ غزھ تي قبضي بابت اسرائيلي ڪابينا جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ھو تھ پاڪستان اسرائيل توڙي ان جي فيصلن کي تسليم نھ ٿو ڪري.

وزيراعظم شھباز شريف غزھ تي غزھ تي اسرائيل جي ناجائز ڪنٽرول واري اسرائيلي منصوبي جي مذمت ڪندي چيو تھ يھودي ڪابينا جو منصوبو فلسطينين خلاف جنگ ۾ خطرناڪ اضافي جي برابر آھي.

ھن چيو تھ غزھ ۾ فوجي ڪارروائين جي اھا واڌ، اڳواٽ جاري انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيندي، اسرائيلي ڪابينا جو فيصلو خطي ۾ امن جي ڪنھن بھ امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو تھ عالمي برادري اسرائيل جي بي جواز اڳرائي کي روڪڻ، غزھ جي ماڻھن تائين امداد جي فراھمي ۽ بي گناھ شھرين جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ فوري مداخلت ڪري.

حماس جو سخت ردعمل

فلسطين ويڙھاڪ تنظيم حماس بھ اسرائيل جي غزھ تي قبضي واري منصوبي جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تھ اھڙو ڪو بھ منصوبو ھڪ وڏو جنگي ڏوھ آھي.

حماس خبردار ڪندي چيو آھي تھ اھڙي ڪا بھ مجرماڻي مھم اسرائيلي فوج لاءِ مھانگي ثابت ٿيندي ۽ غزھ تي قبضو ڪرڻ وارو اھو دڳ اسرائيل لاءِ سولو ثابت نھ ٿيندو.

اسرائيلي ڪابينا پاران غزھ تي قبضي واري منصوبي جي منظوري ڏيڻ تي عالمي برادري جو سخت ردعمل سامھون اچڻ بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو نئون موقف اختيار ڪيو آھي.

نيتن ياھو جو چوڻ آھي تھ اسان غزھ تي قبضو ڪرڻ نھ پر غزھ کي حماس کان آزاد ڪرائڻ وڃي رھيا آھيون.

پنھنجي نئين بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو آھي تھ غزھ کي بي ھٿيار ڪري پرامن شھري انتظاميا قائم ڪئي ويندي، غزھ جي شھري انتظاميا ۾ فلسطين اٿارٽي، حماس ۽ ڪا ٻي دھشتگرد تنظيم شامل نھ ھوندي.

اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آھي تھ سندن اھڙو قدم يرغمال بڻايل اسرائيلي شھرين کي آزاد ڪرائڻ ۾ بھ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں