غزه شهر تي مڪمل قبضي لاءِ اسرائيل جا حملا: 59 فلسطيني شھيد، بي گھر ٿيل فلسطينين جي دردناڪ ڪھاڻي

فہرستِ مضامین

غزه شهر ۾ جاري اسرائيلي فوج جي ڪاررواين بابت گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته هڪ لک کان وڌيڪ فلسطينيَن کي 35 چورس ڪلوميٽر کان به گهٽ ايراضيءَ ۾ زبردستي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آھي تہ غزھ شھر ۾ اڃا بہ 2000 کان 3000 تائين حماس جا ويڙھاڪ موجود آھن.

اسرائيلي فوج غزه شهر ۾ زميني ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، اسرائيلي فوج لڳاتار ۽ بمباري ڪري رھي آھي جنھن سبب وڏي انگ ۾ فلسطينين جون شھادتون رپورٽ ٿي رھيون آھن.

غزه جي حماس جي ڪنٽرول هيٺ وزارتِ صحت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 59 ماڻهو مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 386 زخمي ٿيا آهن۔ وزارت موجب، ٽي ماڻهو بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا، جن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي۔

هزارين خاندان غزه شهر مان نڪرڻ ۽ محفوظ هنڌ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ⁠تہ اسرائيلي فوج غزه شهر تي قبضو ڪرڻ لاءِ زميني ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن۔

بي گھر ٿيل فلسطيني عورت پنھنجي ۽ ٻار جي زندگي بچائڻ جا جتن ڪندي ـفوٽو بي بي سي اردو

بي بي سي اردو رپورٽ ڪيو آھي تہ32 ورهين جي لينا المغربی، جيڪا ٽن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ غزه شهر جي شيخ رضوان پاڙي سان تعلق رکي ٿي، اُھا ٻڌائي ٿي تہ هڪ اسرائيلي فوجي آفيسر کيس فون ڪري گهر ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، خطري جي باوجود پنهنجو گهر ڇڏڻ نٿي چاهيان.

هن وڌيڪ ٻڌايو: “مونکي لڏپلاڻ ۽ خيمو خريد ڪرڻ جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ، مجبور ٿي پنهنجا زيور وڪڻڻا پيا۔ خان يونس پهچڻ ۾ اسان کي ڏهه ڪلاڪ لڳا ۽ سواري لاءِ 3500 شيڪل ادا ڪرڻا پيا۔ هن سفر دوران گاڏين، ٽرڪن ۽ گڏھ گاڏين جي ڊگهي قطار هئي۔”

خوبصورت عمارتون مٽي جي ڍير ۾ تبديل

لينا وانگر ئي 38 ورهين جي نيوين عماد الدين، جيڪا پنجن ٻارن جي ماءُ آهي، ھوءَ ٻڌائي ٿي تہ پنهنجي ۽ ٻارن جي جان بچائڻ لاءِ غزه شهر مان ڏکڻ طرف ڀڄڻ تي تڏهن مجبور ٿيس، جڏهن اسرائيلي جنگي جهازن سندن پاڙي ۽ سموري علائقي ۾ گھر خالي ڪرڻ جا اعلان ڪيا ۽ بينرز اڇلايا. اسرائيلي حملن ۽ اعلانن باوجود سندس مڙس گهر ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔

هن وڌيڪ ٻڌايو: ” پنهنجو فرنيچر ساڻ کڻي نہ سگھيس ، ڇاڪاڻ⁠ تہ وڏي ٽرڪ جو ڀاڙو برداشت نٿي ڪري سگهان. سڀ ڪجھه پوئتي ڇڏي اچڻ منهنجي زندگي جو سڀ کان ڏکيو فيصلو هو۔”

لڏپلاڻ تي ايندڙ خرچ گهڻو ڪري غزه شهر جي رهواسين جي وس کان ٻاهر آهي۔ رهواسين جو چوڻ آهي ته هاڻي هڪ ننڍڙي ٽرڪ جو ڀاڙو لڳ ڀڳ 3000 شيڪل آهي، جڏهن ⁠تہ پنج ماڻهن لاءِ هڪ خيمو لڳ ڀڳ 4000 شيڪل ۾ وڪامجي رهيو آهي۔ ڇاڪاڻ⁠ تہ گهڻا خاندان جنگ جي شروعات کان ئي آمدني کان محروم آهن، ڪي ميلن تائين پنڌ هلڻ تي مجبور آهن يا خطري جي باوجود پنهنجن گهرن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔

اڱارو ۽ اربع جي رات انتهائي خوفناڪ ھئي

اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ تباھ ٿيل عمارتون ـ فوٽو بي بي سي اردو

غزه جي رهواسين اڱارو ۽ اربع جي رات ٿيندڙ بمباري کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏنو آهي۔

اتر غزه مان بي گهر ٿيندڙ غازي العلول ٻڌايو ته هو هاڻي ڏکڻ-مغربي غزه جي تل الهو علائقي ۾ القدس اسپتال جي دروازي تي ويٺل آهي، ڇاڪاڻ ⁠تہ اتي هو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري ٿو۔

هن وڌيڪ ٻڌايو “مان پنهنجي مرضي سان اسپتال جي دروازي تي نه ويٺو آهيان۔ اسرائيلي فوج جي بمباري سبب مون کي اهو گهر ڇڏڻو پيو جتي مان ۽ منهنجو خاندان اٽڪل هڪ مهيني کان پناهه ۾ هئا، اسان کي لڏ پلاڻ ڪري پنھنجا گھر ڇڏڻا پيا.

 هن چيو “هڪ پاسي بنا ڪنهن وقفي جي غزه تي بمباري جاري آهي ۽ ساڳئي وقت اسرائيلي فوج هن علائقي ۾ ڪيترين رهائشي عمارتن کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏئي رهي آهي۔

مرڪزي غزه جي الدرج علائقي سان تعلق رکندڙ سامي ابو دلل چيو تہ گذريل رات ڪيترن اھم عمارتن تي بمباري ڪئي وئي، جنهن سبب اهي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون ۔ انهن عمارتن ۾ ڪيترائي خاندان پناهه وٺي رهيا هئا ۽ هاڻي پڻ ڪيترائي ماڻهو يا ته مارجي چڪا آهن يا گم يا وري زخمي ٿي ويا آهن.

نالو حماس، نشانو عام شھري پيا بڻجن

اسرائيلي فوج جي ڪاررواين جو مقصد فلسطين جي سڀ کان وڏي شهر تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آھي، اسرائيل غزھ شھر کي حماس جو ڳڙھ سمجهي ٿو۔

اسرائيلي فوجي جٿا هاڻي شهر جي سرحدن تي پهچي چڪا آهن، غزه تي قبضو ڪرڻ اهو اسرائيل جو هڪ ڊگهي عرصي کان منصوبو هو، جنهن تي هاڻي باضابطا عمل شروع ڪيو ويو آهي۔

ٻئي پاسي گڏيل قومن جي هڪ انڪوائري ڪميشن چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، جڏهن⁠تہ اسرائيل هن الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔

اکين ڏٺن شاهدن موجب غزه شهر، جيڪو پٽي جو سڀ کان وڏو شهر آهي، شديد ۽ خطرناڪ شيلنگ جو نشانو بڻيو آهي۔

شھرين جو چوڻ آھي تہ اسرائيل حماس جي نالي تي عام شھرين کي نشانو بڻائي رھيو آھي، ھيءَ دنيا جي سڀ کان وڏي نسل ڪشي آھي پر عالمي ادارا خاموش آھن.

هڪ اسرائيلي فوجي اهلڪار ’غزه شهر‘ تي ڪيل ڪاررواين کي انتهائي اهم قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي فوج جي اندازي موجب شهر ۾ اڃا به 2000 کان 3000 تائين حماس جا ويڙهاڪ موجود آهن۔

ٻئي پاسي، ڪينيڊا جي پرڏيھي وزارتِ غزه شهر تي اسرائيل جي نئين زميني حملي کي ’خوفناڪ‘ قرار ڏنو آهي۔ ڪينيڊا جي وزارتِ ايڪس تي جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته: “اسرائيل جي هي تازو ڪارروائي انساني بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري سگهي ٿي ۽ قيدين جي آزادي خطري ۾ پئجي سگھي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں