نيويارڪ ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ گڏيل قومن جي وجود جو مقصد ڇا آھي؟ ھي ادارو پنھنجو ڪم نٿو ڪري، مون ستن مھينن ۾ 7 جنگيون روڪرايون، غزہ مان يرغمالين جي آزادي چاھيون ٿا، روس جنگ ختم نٿو ڪري تہ ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 ھين اجلاس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ 6 سال اڳ جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي آخري خطاب ڪيو ھو، ان کانپوءِ ٻن وڏن کنڊن ۾ امن امان کي تباھ ڪيو، وڏي بحرانن جنم ورتو.
ھن چيو تہ گذريل ھڪ سال اڳ گذريل انتظاميہ تحت آمريڪا سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيو ھو، منھنجو عھدو سنڀالڻ جي 8 مھينن کانپوءِ حالتون تبديل ٿي ويون، ھاڻي آمريڪا دنيا جي پسند ترين ملڪن مان ھڪ آھي.
اڳوڻي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ بائيڊن انتظاميہ کان معاشي بربادي اسان کي ورثي ۾ ملي آھي، پر آمريڪي معيشت دنيا جي مضبوط ترين معيشت مان آھي، اسان جي فوج دنيا جي مضبوط ترين فوج آھي، اصل حقيقت اھا آھي تہ آمريڪا جو سنھري دور آھي.
غير قانوني طور ايندڙن جا رستا بند ٿي چڪا: ٽرمپ
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو تہ واشنگٽن ۾ غير قانوني طور ايندڙن جا رستا بند ٿي چڪا آھن، انھن جي آمد ٻُڙي ٿي چڪي آھي، بائيڊن جي پاليسين جي ڪري ماضي ۾ لکين ماڻھو غير قانوني طور آمريڪا اچي رھيا ھئا.
پنھنجي پاڻ تعريف ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ست مھينن جي عرصي ۾ نہ ختم ٿيندڙ 7 جنگيون ختم ڪرايون، انھن مان 2 جنگيون 31 سالن کان ھلي رھيون ھيون، افسوس ٿيو آھي تہ گڏيل قومن کي جنگيون ختم ڪرائڻ گھرجن ھا پر مان ختم ڪرائي رھيو آھيان، پاڪ ڀارت جنگبندي بہ مون ڪرائي ھئي.
گڏيل قومون جنگيون ختم نہ ڪرائي سگھيو آھي
ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ جنگيون ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن مان کيس ھڪ فون ڪال بہ نہ آئي، گڏيل قومون کوکلن لفظن سان جنگيون نٿو روڪرائي سگھن، گڏيل قومن جي وجود جو ڇا مقصد آھي، ھي ادارو پنھنجي مقصد ۽ وسيلن مطابق ڪم نہ ڪري رھيو آھي.
ايران کي ايٽمي ملڪ بڻجڻ نہ ڏينداسين
ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر چيو تہ بي ٽو جھازن ذريعي ايراني ايٽمي صلاحيت مڪمل تباھ ڪري ڇڏي ھئي، ھن الزام ھنيو تہ ايران دھشتگردي جو سڀ کان وڏو حمايتي آھي، ايٽم بم جھڙو خطرناڪ ھٿيار نٿو رکي سگھي، اسان ڪڏھن بہ ايران کي ايٽمي ھٿيار حاصل ڪرڻ نہ ڏينداسين.
غزہ جنگ جي حوالي سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تہ غزہ جنگ جي خاتمي جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھيان پر حماس منھنجي جنگبندي جون ڪوششون رد ڪندي آئي آھي، حماس قابل عمل امن معاھدي کي رد ڪيو، غزہ مان تمام 20 يرغمالين جي آزادي چاھيون ٿا، جيڪڏھن غزہ ۾ امن چاھيون ٿا تہ سمورن 20 يرغمالين جي آزادي جي حمايت ڪيو.
روس يوڪرين جنگ ختم نہ ڪئي تہ ٽيرف لاڳو ڪنداسين
روس بابت خيالن جو اظھار ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ پيوٽن سان لاڳاپن جي ڪري يوڪرين جنگ روڪڻ آسان ھوندي، جيڪڏھن روس يوڪرين جنگ روڪڻ تي راضي نہ ٿيو تہ ٽيرف لاڳو ڪنداسين، چين ۽ ڀارت روس کان تيل جي خريداري ڪري يوڪرين جنگ کي ڊيگھ ڏئي رھيا آھن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 57 منٽ تي ٻڌل ڊگھو خطاب ڪيو، جيڪو جنرل اسيمبلي جي تاريخ جو ڊگھو خطاب ھو، ٽرمپ جي خطاب دوران ٽيلي پيرامٽر ٽيڪنيڪي خرابي پيدا ٿي وئي ھئي.