غزا ۾ اسرائيلي فوج جي ھوائي حملن ۾ حماس اڳواڻ سميت وڌيڪ 12 فلسطيني شھيد

فہرستِ مضامین

غزا ۾ اسرائيلي فوج جي ھوائي حملن ۾ حماس اڳواڻ سميت وڌيڪ 12 فلسطيني شھيد ٿي ويا آھن

پرڏيھي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ حماس اڳواڻ سميت گھٽ ۾ گھٽ 12 فلسطيني شھيد ۽ 18 زخمي ٿيا.

رپورٽ ۾ تصديق ڪئي تہ اسرائيلي حملي ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز جي ھڪ سينيئر اڳواڻ کي شھيد ڪيو ويو.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آھي تہ حملي ۾ شھيد ٿيندڙن ۾ محمد الحولي ھو، جيڪو حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز ۾ ڪمانڊر ھو.

حماس اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ ھي ڪارروائي جنگبندي معاھدي جي کليل ڀڃڪڙي آھي.

حماس چيو آهي تہ حملن جو مطلب اهو آهي تہ اسرائيل معاهدي جي پاسداري ڪرڻ بدران ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي تہ جيئن غزہ جي عوام خلاف جنگ ٻيهر شروع ٿي سگهي۔

رپورٽن موجب گذريل آڪٽوبر کان لاڳو ٿيل جنگبندي کان وٺي هاڻي تائين 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن۔

اسرائيل غزہ جي اڌ کان وڌيڪ علائقي ۾ عمارتون تباهہ ڪري ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، جتي هاڻي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو عارضي پناهہ گاهن يا تباهہ ٿيل عمارتن ۾ رھڻ تي مجبور آهن۔

صحت واري وزارت موجب آڪٽوبر 2023 ۾ غزہ تي اسرائيل جي نسل ڪشي واري جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي ھيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 71 هزار 455 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں