غزا ۾ اسرائيلي بربريت جاري وڌيڪ 120 فلسطيني شھيد

فہرستِ مضامین

غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بربريت جاري آھي ، يھودي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 120 فلسطيني شھيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شھيد ٿي ويلن ۾ 92 فلسطيني اھڙا آھن، جيڪي امداد جي انتظار ۾ بيٺل ھئا.

غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽس موجب، اتر غزه ۾ گڏيل قومن جي امدادي گاڏين جي انتظار ۾ بيٺل شهرين تي اندهاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 92 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا.

شهيدن جو انگ 58 کان وڌي ويو

گڏيل قومن موجب، مئي کان هيل تائين امدادي مرڪزن تي خوراڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران گهٽ ۾ گهٽ 875 فلسطيني زندگيون وڃائي چڪا آهن، جڏھن تھ جنگ دوران شهيدن جو مجموعي انگ 58 هزار 895 تائين پهچي ويو آهي، هڪ لک 40 هزار 980 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

غزه ۾ اسرائيل جي حملن کانپوءِ پيدا ٿيل خوراڪ جي کوٽ جي ڪري تازا ڄاول ٻار بھ فوت ٿي رھيا آھن،غزه جي صحت کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران بک سبب وڌيڪ 18 ماڻهو شهيد ٿي ويا.

جيئرا ماڻهو امدادي مرڪزن تي اچن ٿا ۽ لاش واپس ٿين ٿا

گڏيل قوم مطالبو ڪيو آھي تھ غزا ۾ امداد جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي، اسرائيل امدادي مرڪزن تي حملا بند ڪري. غزھ ۾ بي گھر ۽ بکن ۾ پاھھ ٿيل فلسطيني شھرين خلاف اسرائيلي فورسز جي جارحيت جاري آھي، اھڙو ڪو بھ ڏينھن خالي نھ آھي جو اسرائيلي فورسز پاران بمباري نھ ڪئي وڃي. رڳو فلسطيني شھري ئي نھ پر فلاحي ادارن جا ڪارڪن، صحافي ۽ پرڏيھي بھ اسرائيلي جارحيت جو نشانو بڻجي رھيا آھن. غزھ ۾ روز ھزارين فلسطيني کاڌ خوراڪ ۽ ٻي امداد لاءِ اھڙن امدادي مرڪزن جو رخ ڪن ٿا ۽ انھن مان ڪيترائي ماني ڳڀو ملڻ بدران موت ماڻي لاشن جي صورت ۾ واپس اچن ٿا.

 آڪٽوبر 2023 ۾ شروع ٿيل غزا جي جنگ ۾ ھيل تائين معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 58 ھزار کان وڌيڪ فلسطينين کي شھيد ڪيو ويو، جنھن ۾ ھڪ لک 40 ھزار کان وڌيڪ زخمي آھن.

ٽرمپ جي دعويٰ کانپوءِ ڪاررواين ۾ تيزي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجھ ڏينھن اڳ دعويٰ ڪئي ھئي تھ اسرائيل ۽ غزا وچ ۾ ھڪ ھفتي اندر جنگبندي ٿي ويندي پر ھيل تائين جنگبدي ناھي ٿي سگھي، ويتر اسرائيلي فوج غزا تي حملا وڌائي رھي آھي.

پرڏيھي خابرو اداري موجب  اسرائيل جنگبندي جي صورت ۾ فلسطين جي ويڙھاڪ تنظيم حماس کي ملڪ بدر ڪرڻ چاھي ٿو، جنھن تي حماس راضي نھ آھي، تنھن ڪري جنگبندي ۾ دير ٿي رھي آھي، جنگبندي لاءِ ٻين ڌرين جون بھ ڪوششون جاري آھن، جنھن ۾ ھڪ عرب ملڪ بھ شامل آھي. خابرو اداري موجب عرب ملڪ اسرائيل ۽ فلسطيني وچ ۾ جنگبندي لاءِ ڪو جوڳو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي پر ھيل تائين ان ۾ ڪا بھ اڳڀرائي ناھي ٿي سگھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں