اسرائيلي فوج غزا طرف امداد کڻي ويندڙ صمود فلو ٽيلا کي روڪي ورتو، اسرائيلي فوج 13 ٻيڙين کي گھيري ۾ آڻي گرفتاريون شروع ڪري ڇڏيون آھن، گرفتار ٿيلن ۾ سويڊين سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ گريٽا ٿنبرگ ۽ ٻيا شامل آھن.
اسرائيلي پرڏيھي وزارت جو چوڻ آھي تہ غزا طرف ويندڙ صمود فلوٽيلا کي روڪيو ويو آھي، ٻيڙين ۾ سوار ماڻھن کي پورٽ طرف منتقل ڪيو پيو وڃي، ٻيڙين کي رستو تبديل ڪرڻ جو چيو ويو ھو، ڇو تہ اھي ٻيڙيون ھڪ فعال جنگي زون ويجھو پھچي ويون ھيون.
فلوٽيلا ۾ شامل جھازن جو رابطو ڪٽجي ويو
انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ اسرائيلي فوج فلوٽيلا تي حملو ڪيو آھي، جنھن سبب ڪيترن ئي جھازن سان رابطو ڪٽجي ويو آھي، اسرائيلي فوج ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، صمود فلوٽيلا سان گڏ ھلندڙ جھازن جي لائيو فيڊ بہ بند ٿي وئي آھي.
انتظاميہ موجب اسرائيلي فوج پاران جھازن تي واٽر ڪينن جو بہ استعمال ڪيو ويو، فلوٽيلا ۾ شامل ٻيڙي يولا راپر تي واٽر ڪينن سان حملو ڪيو ويو، جھاز ۾ سوار ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
فلو ٽيلا ۾ شريڪ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد ڪير آھي؟

غزا طرف امداد کڻي ويندڙ صمود فلو ٽيلا ۾ اڳوڻو پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد بہ شريڪ آھي، مشتاق احمد ھڪ پاڪستاني سياستدان آھي،سندس تعلق جماعت اسلامي سان آھي، ھو مارچ 2018 کان مارچ 2024 تائين سينيٽر بہ رھيو، مشتاق احمد فلسطين ۽ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪن طور مشھور آھي، ھن غزا طرف امداد کڻي ويندڙ فلوٽيلا ۾پاڪستان جي نمائندگي ڪري رھيو آھي، ھو آڪٽوبر 2021 ۾ ٽيون ڀيرو جماعت اسلامي خيبرپختونخوا جو صدر چونڊيو ويو.
اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد فلوٽيلا جو حصو ڪڏھن بڻيو؟
اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد فلسطينين جي حمايت ۾ ٿيندڙ ھر احتجاج جو حصو رھيو آھي، ھو سيپٽمبر 2025 ۾ غزا طرف امداد کڻي ويندڙ صمود فلوٽيلا جو حصو بڻيو، سينيٽر مشتاق احمد سان گڏ 5 ٻيا پاڪستاني بہ سمود فلوٽيلا جو حصو بڻيا، جن ۾ آزاد ڪشمير جو اطلاعات وارو وزير مظھر سعيد بہ شامل آھي.
اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد فلسطين جي حمايت ۾ ٿيندڙ ھر سرگرمي جو حصو رھيو آھي، ھو مختلف احتجاجن جو بہ حصو رھيو آھي، مشتاق احمد ھر پليٽ فارم تي فلسطين جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ رکيو آھي.

صمود فلوٽيلا ڇا آھي ۽ ان ۾ ڪيترا ماڻھو شريڪ آھن؟
صمود فلوٽيلا غزا طرف ٻيڙين ذريعي امداد کڻي ويندڙ ھڪ قافلو آھي، جنھن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻھو شريڪ آھن، فلوٽيلا ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد، سويڊن جو ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ ۽ ٻيا شامل آھن.
فلوٽيلا جي انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ غزا ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ بعد ھي قافلو امداد کڻي وڃي رھيو آھي، ھن قافلي جو مقصد غزا ۾ غيرقانوني سامونڊي ناڪابندي ٽوڙڻ ۽ امداد لاءِ رستا کولڻ بہ آھي تہ جيئن فلسطينين جي نسل ڪشي روڪي سگھجي.
پاڪستان طرفان فلوٽيلا تي حملي جي مذمت

وزيراعظم شھباز شريف اسرائيلي فوج جي “گلوبل صمود فوٽيلا” تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آھي، سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ فلوٽيلا ۾ 44 ملڪن جا 450 کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن سوار هئا، جن کي اسرائيلي فورسز غير قانوني طور تي حراست ۾ ورتو آهي.
وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ انهن ڪارڪنن جو واحد “ڏوھ” اهو آھي تہ اهي بيوس ۽ مظلوم فلسطيني عوام تائين امداد پهچائي رھيا هئا، پاڪستان انهن سڀني امدادي ڪارڪنن جي فوري ۽ غير مشروط آزادي ۽ فلسطينين تائين بنا رنڊڪ جي امداد جي فراھمي جو مطالبو ڪري ٿو، اسرائيلي ظلم کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ فلسطين ۾ مستقل امن قائم ڪيو وڃي.