غزا امن منصوبي تحت قائم“ بورڊ آف پيس” جي ميمبرن جا نالا جاري

فہرستِ مضامین

وائٽ هائوس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن منصوبي تحت غزا لاءِ قائم ڪيل “بورڊ آف پيس” جي ميمبرن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

وائٽ هائوس موجب ميجر جنرل جيسپر جيفرز کي عالمي استحڪام فورس جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

بورڊ ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيـو وِٽڪوف ۽ صدر جو ناٺي جيرڊ ڪشنر پڻ بورڊ آف پيس ۾ شامل آهن.

وائٽ هائوس موجب آريي لائٽ اسٽون ۽ جوش گرون بام کي بورڊ جو سينيئر صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ نڪولائي ميلادينوف کي بورڊ آف پيس جو ايگزيڪيوٽو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو غزا لاءِ اعليٰ نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏيندو.

ان کانسواءِ برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر سميت مارڪ روون، اجي بنگا ۽ رابرٽ گيبريل بہ غزا بورڊ آف پيس جو حصو بڻجي ويا آهن.

وائٽ هائوس جو چوڻ آهي تہ غزا ۾ بورڊ آف پيس جو قيام ٽرمپ جي امن منصوبي جو اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد سيڪيورٽي، انساني امداد ۽ ٻيهر اڏات جي منصوبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ سان گڏ فلسطيني اٿارٽي ۽ انتظامي نظام ۾ سڌارن جي راهہ هموار ڪرڻ آهي.

ياد ريھ تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو تہ بورڊ آف پيس جي ميمبرن جا نالا جلد جاري ڪيا ويندا……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں